ٽنڊوڄام ۾ پ پ ڪارڪنن پاران آصف علي زرداري جي گرفتاري خلاف احتجاجي مظاهرو

news

ٽنڊوڄام: اڱارو 11 جون 2019ع:نيب هٿان اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جي گرفتاري خلاف پ پ ڪارڪنن ضلعي حيدرآباد ٻهراڙي جي جنرل سيڪريٽري مير شير محمد ٽالپر، اطلاعات سيڪريٽري حاجي اسماعيل وساڻ، شريف قريشي، سيد جمن شاھ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ٽنڊوڄام پريس ڪلب آڏو حيدرآباد ميرپورخاص روڊ تي احتجاج ڪري روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو. جنهن سبب ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ معطل ٿي وئي.

ان موقعي تي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته نيازي حڪومت پنهنجي ناڪامي لڪائڻ لاءِ اڳوڻي صدر آصف علي  زرداري کي گرفتار ڪيو آھي. هن ملڪ ۾ قانون جو ٻٽو معيار آھي. حڪومت ۾ ويٺل ماڻھن ملڪ جي ڀينگ ڪري ڇڏي آھي، تنهن هوندي به انهن کي کلي ڇوٽ حاصل آھي. هنن چيو ته نيب نيازي سرڪار جو ونگاري ادارو بڻجي چڪو آھي، جيڪو آصف علي زرداري کي 18 هين ترميم تان هٿ کڻائڻ ۽ قومي اسيمبلي مان عوام دشمن بجيٽ منظور ڪرائڻ لاء دٻاء وجهي رهيو آھي.

هنن چيو ته اهڙي قسم جون گرفتاريون اسان کي روڪي نه ٿيون سگهن. پ پ اڳواڻن ۽ ڪارڪنن گهر ڪئي ته پيپلز پارٽي جي ڪو چيئرمين ۽ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري کي فوري طور آزاد ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج ۾ شدت آندي ويندي.01