پنوعاقل ۾ پ پ جيالن پاران آصف علي زرداري جي گرفتاري خلاف احتجاجي مظاهرو

news

پنوعاقل:اڱارو 11 جون 2019ع: اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جي نيب ھٿان گرفتاري خلاف پنوعاقل جي جيالا روڊن تي نڪري ڌرڻو ھڻي ويھي رھيا، پيپلزپارٽي جي سوين ڪارڪن ميان عبدالقوي انڍڙ، ڪامريڊ رشيد ڪورائي، لياقت خالدي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب کان ريلي ڪڍي عيد گاھ چوڪ تي ڌرڻو ھنيو ويو.

ڌرڻي دور ايندڙ ويندڙ گاڏيون بيھجي ويون. ان موقعي تي اڳواڻن مظاھرين کي خطاب ڪندي چيو ته عمران حڪومت ٽارگيٽ ڪري مخالفن خلاف ڪارروايون ڪري پئي. ھنن چيو ته قومي ناڻي کي تباھ ڪري ملڪ جو ڏيوالو ڪڍيو ويو آھي، جنھن سبب مھانگائي جو عروج آھي.

جڏھن ته سياستدانن خلاف انتقامي سوچ سان ملڪ اڃا به ترقي بدران زوال ڏانھن وڌنڌو، اڳواڻن جو چوڻ ھو ته ھو چاھن ته پارٽي جي حڪمن ته سڄي ملڪ ۾ ڦيٿو جام ھڙتال ڪري سگھن ٿا. ھنن مطالبو ڪيو ته آصف زرداري کي فوري طور تي آزاد ڪيو وڃي.01