ميهڙ ۾ پ پ سپاف پاران آصف علي زرداري جي گرفتاري خلاف احتجاجي مظاهرو

news

ميهڙ: اڱارو 11 جون 2019ع:پ پ سپاف پاران محمود مهيسر، ڊاڪٽر محراب لاکير، سپاف داودو ضلعي جي صدراتي اميدوار عبدالنبي چانڊيو، جميل مهيسر، نظر علي پنهور ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو ۽ انڊس هاءِ تي ڌرڻو هنيو ويو.

ان موقعي تي هنن چيو ته آصف زرداري کي سياسي انتقامي ڪارروائي جو نشانو بڻايو ويو آهي، پ پ سدائين ڪوڙن ڪيسن ۽ انتقامي ڪاررواين کي ۽ آمريت سان مقابلو ڪيو آهي. هنن چيو ته موجوده حڪمران ملڪ ۽ عوام جا دشمن آهن، سندن خلاف احتجاج جاري رهندو.01