جاتي: موسميات کاتي پاران سامونڊي طوفان جي اڳڪٿي، سمنڊ ۾ ويل ماهيگيرن جا وارث پريشان

news

جاتي: اربع 12 جون 2019ع:موسميات کاتي پاران سامونڊي طوفان جي اڳڪٿي، سمنڊ ويل ماهيگيرن جا وارث پريشان، انتظاميا ڪي به اپاءُ نه ورتا، 1999 ۾ آيل طوفان وانگر ڪيتريون ئي جانيون ضايع ٿيڻ جو خدشو. خبر موجب موسميات کاتي پاران عربي سمنڊ پيدا ٿيل ڊي پريشر سامونڊي طوفان ۾ تبديل ٿيڻ کانپوءِ طوفان جو نالو وايو(Vayu)  ڏئي وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن کي ساحلي علائقن جي ماهيگيرن ۽ رهواسين جي حفاظت لاءِ الرٽ جاري ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته سنڌ حڪومت  ماهيگيرن ۽ رهواسين جي حفاظت لاءِ ڪوبه تحرڪ نه ورتو آهي.

سمنڊ ڪناري تعلقي شاهبندر ۽ جاتي جي حاجي ڏونگر جت، امين موري، عمر ٿهيم، نبي بخش ٿهيم، بصريو ونگائي، حاجي يوسف ڪاتيار، جان محمد جت، حاجي جاني ڪاتيار، اسحاق ٿهيمور، زيرو پوائنٽ جي حاجي غلام حسين چنڊاڻي ۽ ٻين ڪيترن ئي ڳوٺن جا رهواسي پنهنجي گهرن ۾ موجود آهن، موسميات کاتي پاران اهو پڻ واضح ڪيو آهي ته سامونڊي طوفان (وايو) جاتي ۽ شاهبندر کان 897 ڪلو ميٽر مفاصلي تي آهي، طوفان جي هن وقت اسپيڊ  90 کان 100 ڪلو في جي رفتار سان آهي، جيڪو اتر ۽ اوڀر طرف وڌي رهيو آهي.

طوفان جو اثر خميس جي ڏينهن جاتي شاهبندر سميت ساحلي علائقن ۾ شروع ٿي ويندو. پاڪستان فشر فوڪ فورم جي مرڪزي اڳواڻ نور محمد ٿهيمور رابطي ڪرڻ تي ٻڌايو ته سنڌ حڪومت 1999 جي طوفان وانگر تباهي ڏسڻ ٿي چاهي. هن وقت سوين هوڙا سمنڊ اندر ويل آهن، سنڌ حڪومت ماهيگيرن ۽ رهواسين جي حفاظت لاءِ ڪي به اپاءُ نه ورتا آهن ۽ وفاقي حڪومت جي اداري پاڪستان ميرين فشريز طوفان بابت پڻ الرٽ جاري ڪيو آهي.

هن وقت ماهيگيرن جي حفاظت لاءِ پاڪستان فشر فوڪ فورم پاڪستان نيوي جي مدد سان ماڻهن کي سمنڊ ٻاهر ڪڍيو پيو وڃي. ٻئي طرف مختيارڪار جاتي محمد عمر ميمڻ رابطي ڪرڻ تي ٻڌايو ته اسان کي ڊپٽي ڪمشنر سجاول محمد اسماعيل ميمڻ پاران هدايتون مليل آهن، اسان ماهيگيرن کي سمنڊ مان ٻاهر ڪڍڻ لاءِ پاڪستان نيوي جو سهارو ورتو آهي ۽ هن وقت طوفان جي رخ جي ڪابه خبر ناهي ۽ جيڪڏهن ساحلي پٽي جي رهواسين منتقل حفاظتي ڪرڻو پوندو ته ان ۾ اسان ڪابه ڪوتاهي نه ڪنداسين. واضح رهي ته موسميات کاتي پنهنجي ويب سائيٽ تي عربي ۾ پيدا ٿيل طوفان جو نالو وايو ڏئي ڇڏيو آهي.01