مهوش حيات کي هڪ دفعو ٻيهر آئٽم نمبر ڪرڻ مهانگو پئجي ويو

news

ڪراچي: (اربع 12 جون 2019ع)  سوشل ميڊيا صارفين مهوش حيات جي نشان امتياز تي هڪ دفعو ٻيهر سوال اٿاري ڇڏيا آهن ۽ کيس  اعتراض جوڳي ڊانس ڪرڻ تي سندس مٿان سخت تنقيد ڪئي پئي وڃي.

مهوش حيات جو شمار پاڪستان جي باصلاحيت اداڪارائن ۾ ٿيندو آهي هن ٽي وي ۾ اداڪاري جي ذريعي مڃتا ماڻي. جنهن کان پوءِ هن فلم انڊسٽري ۾ قدم رکيو ۽ پنهنجي اداڪاري ذريعي سڀني اداڪارائن کي پوئتي ڇڏي ڏنو.

شوبز انڊسٽري ۾ بهترين خدمتون ڏيڻ سبب کيس نشان امتياز سان نوازيو ويو پر سوشل ميڊيا صارفين کي حڪومت طرفان کيس نشان امتياز ڏيڻ بلڪل به پسند ناهي آيو ۽ سوشل ميڊيا تي مهوش کي نشان امتياز ڏيڻ جي حوالي سان ڪيترن ئي مهينن تائين تنقيد جو نشانو بڻايو ويو ۽ هي معاملو ڪافي حد تائين رڪجي ويو هو پر مهوش جي نئين آئٽم نمبر هڪ دفعو ٻيهر باهه ڀڙڪائي ڇڏي.

عيدالفطر تي مهوش حيات جي رليز ٿيندڙ فلم(ڇلاوا) ۾ مهوش(چڙيا) نالي آئٽم نمبر تي پرفارم ڪيو هو ۽ پنهنجي انسٽاگرام اڪائونٽ تي ان گاني جي مختصر وڊيو به شيئر ڪئي هئي. پر سوشل ميڊيا صارفين کي مهوش حيات جو آئٽم نمبر ڪرڻ بلڪل پسند نه آيو ۽ هنن اداڪاره کي تنقيد جو نشانو بڻائيندي هڪ دفعو ٻيهر کيس نشان امتياز ڏيڻ تي سوال اٿاري ڇڏيا آهن.