سنگين غداري ڪيس ۾ پرويز مشرف جو بچاءٌ جو حق ختم

news

اسلام آباد: (اربع 12 جون 2019ع) خاص عدالت سنگين غداري ڪيس ۾ اڳوڻي صدر پرويز مشرف جو بچاءُ جو حق ختم ڪري ڇڏيو. اڳوڻي صدر پرويز مشرف خلاف سنگين غداري ڪيس جي ٻڌڻي خاص عدالت ۾ ٿي جتي اڳوڻي صدر جي وڪيل ٻڌايو ته پرويز مشرف زندگي جي ويڙهه وڙهي رهيو آهي، هو ذهني ۽ جسماني طور تي ان قابل ناهي جو ملڪ واپس اچي سگهي، اڳوڻي صدر جو وزن تيزي سان گهٽجي رهيو آهي، هو وهيل چيئر تي آهي ۽ گهمي ڦري نٿو سگهي.

پرويز مشرف جي وڪيل سندس عدالت ۾ پيش ٿيڻ لاءِ وڌيڪ هڪ موقعو ڏيڻ جي استدعا ڪندي چيو ته اڳوڻي صدر جي دل جي ڪيموٿراپي کان پوءِ صحت وڌيڪ خراب ٿي آهي، انساني همدردي تحت وڌيڪ هڪ موقعي جي استدعا ڪري رهيو آهيان.پرويز مشرف جي وڪيل طرفان بريت ۽ التوا جي درخواست ڪئي وئي جنهن تي عدالت فيصو محفوط ڪري ڪجهه دير کان پوءِ ٻڌايو ۽ ڄاڻايل درخواستون رد ڪري ڇڏيون.

عدالت فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته جيئن ته جوابدار صحت جي خرابي سبب پيش نه پيو ٿئي، سپريم ڪورٽ جي حڪمن تي عملدرآمد ڪيو ويندو، جوابدار پيش نٿو ٿي سگهي ته ڪيس ختم ڪرڻ جي درخواست کي ٻڌڻي جوڳو نٿا سمجهون، قانون واري وزارت وڪيل جو هڪ پئنل جوڙي جيڪو جوابدار جو عدالت ۾ دفاع ڪري، قانون واري وزارت انهن وڪيلن جي فيس شيڊول جي باري ۾ رپورٽ پيش ڪري.

فيصلي ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته جوابدار عدالت ۾ پيش نه ٿي پنهنجي بچاءَ جو حق وڃائي ڇڏيو، هاڻ عدالت ڪيس جي ڪارروائي هلائڻ لاءِ صفائي وارو وڪيل مقرر ڪندي، ان مقصد لاءِ قانون واري وزارت وڪيلن جو پئنل تجويز ڪري. جنهن کان پوءِ خاص عدالت ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي 27 جون تائين ملتوي ڪري ڇڏي هئي.

ياد رهي ته پرويز مشرف خلاف سنگين غداري جو ڪيس مسلم ليگ(ن) جي حڪومت شروع ڪيو هو. مارچ 2014 ۾ خصوصي عدالت جي طرفان اڳوڻي صدر تي فرد جرم عائد ڪئي وئي.