حيدرآباد: قاسم آباد انتظاميا پاران حددخلين خلاف ڪارروائي، متاثرن ۽ علمي وچ ۾ ڇڪتاڻ، پٿراءَ

news

حيدرآباد:(رپورٽ: نظر سيال)اربع 12 جون 2019ع: حيدرآباد جي علائقي قاسم آباد فيس ٽو ۾ حددخليون هٽائڻ لاءِ اي سي قاسم آباد، پوليس ۽ ايڇ ڊي اي عملو پهتا، جنهن دوران علائقي واسين ۽ عملي وچ ۾ ڇڪتاڻ ٿي پئي، جڏهن ته مظاهرين ۽ پوليس وچ ۾ سخت پٿراءَ پڻ شروع ٿي ويو. ان موقعي تي مظاهرين جو چوڻ هو ته انتظاميا بناجواز اسان جا اجها ڊاهڻ چاهي ٿي.

هنن وڌيڪ چيو ته اسان ڪيترن ئي سالن کان هتي آباد آهيون، پر انتظاميا بي ڏوهي اسان کي تنگ ڪري رهي آهي. هنن چيو ته اسان کي ڀلي ماري ڇڏين پر اسان پنهنجا گهر خالي نه ڪنداسين.

هوڏانهن پوليس ۽ ايڇ ڊي اي عملي جو چوڻ هو ته مظاهرين اسان تي حملو ڪري اسان جي گاڏين جا شيشا ٽوڙي ڇڏيا آهن.01