جج کي ڪرسي هڻندڙ وڪيل جي سزا معطل، ضمانت منظور

news

لاهور: (اربع 12 جون 2019ع)  لاهور هاءِ ڪورٽ جج کي ڪرسي هڻي مٿو ڦاڙيندڙ وڪيل عمران منج جي سزا معطل ڪندي 2 لک روپين جي مچلڪن عيوض ضمانت منظور ڪري ورتي آهي.

جسٽس مظاهر علي اڪبر نقوي جي سربراهي ۾ لاءِ هاءِ ڪورٽ جي ٻه رڪني بئنچ عمران منج جي سزا معطل درخواست واري ضمانت جي ٻڌڻي ڪئي، هاءِ ڪورٽ دهشتگردي ٽوڙ عدالت جو فيصلو معطل ڪندي عمران منج جي سزا معطل ڪندي ضمانت تي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

ياد رهي ته دهشتگردي ٽوڙ واري عدالت ايڊووڪيٽ عمران منج کي 18 سال 6 مهينا قيد ۽ اڍائي لک رپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي هئي. عمرن منج جڙانواله جي مقامي عدالت ۾ بحث دوران معمولي ڳالهه تي ڪرسي هڻي سينئر سول جج خالد محمود وڙائچ جو مٿو ڦاڙي ڇڏيو هو.

عمران منج جي سزا جي خلاف وڪيلن سخت احتجاج ڪيو هو ۽ هڙتال به ڪئي هئي.