سعودي ايئرپورٽ تي حوثي باغين جو ميزائل حملو: ڪيترائي زخمي

news

رياض: (اربع 12 جون 2019ع) سعودي ايئر پورٽ تي حوثي باغين جي ميزائل حملي ۾ 26 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن.

پرڏيهي خابرو اداري موجب يمن جي حوثي باغين طرفان ميزائل حملو سعودي عرب جي ڏکڻ اولهندي حصي ۾ ڪيو ويو جتي باغين ابها ايئرپورٽ کي نشانو بڻايو جنهن جي نتيجي ۾ ٽن عورتن ۽ ٻن ٻارن سميت 26 ڄڻا زخمي ٿي پيا.

سعودي اتحادي فوج جي ترجمان موجب زخمي عورتن ۾ هڪ يمني، هڪ ڀارتي ۽ هڪ سعودي عورت شامل آهي، جڏهن ته زخمي ٻار سعودي شهري آهن. اتحادي فوج جي ترجمان ٻڌايو ته ايئرپورٽ تي ميزائل حملو يمن کان ٻه سئو ڪلوميٽر اترين سرحد کان ڪيو ويو جيڪا عالمي قانون جي سنگين ڀڃڪڙي ۽ جنگي ڏوهن جي برابر آهي.

ترجمان جو چوڻ هوته سعودي اتحاد انهن حملن کي روڪڻ لاءِ جلد ايڪشن کڻندو، ۽ شهرين جي تحفظ کي يقيني بڻايو ويندو . ميڊيا رپورٽن موجب اهو ٻيو ڀيرو آهي جڏهن ته حوثي باغين طرفان ڪروز ميزائل فائر ڪيا ويا، حوثي باغين پهريون ڀيرو ڊسمبر 2017ع ۾ ابوظهبي ۾ نيوڪليئر پاور پلانٽ کي نشانو بڻايو هو.