نيب ٽيم پاران شرجيل انعام ميمڻ جي راول هائوس تي ڇاپو، اثاثن ۾ ظاهر نه ڪرڻ جو انڪشاف

news

ٽنڊوڄام:اربع 12 جون 2019ع: نيب ٽيم پاران ٽنڊوڄام ويجهو راهوڪي وٽ پ پ ايم پي اي شرجيل انعام ميمڻ جي راول هائوس تي ڇاپو، ڪابه گرفتاري عمل ۾ نه اچي سگهي. ذريعن موجب نيب ٽيم پ پ ايم پي اي شرجيل انعام ميمڻ جي راول هائوس تي ڇاپو هڻي تقريبن هڪ ڪلاڪ تائين راول هائوس جا دروازا بند ڪري تلاشي ورتي.

جنهن دوران نيب ٽيم پاران هائوس جي ماپ پڻ ڪئي وئي. نيب ذريعن موجب راول هائوس اثاثن ۾ ظاهر نه ڪيو ويو هو، جڏهن ته ڪابه گرفتاري عمل نه اچي سگهي، جڏهن ته ان سلسلي ۾ نيب ٽيم ميڊيا سان ڪابه ڳالهه ٻولهه نه ڪئي.01