ٽيڪس ايمنسٽي اسڪيم جي لاءِ پنج هزار ماڻهن اپلاءِ ڪيو:ايف بي آر

news

اسلام آباد: اربع 12 جون 2019: ايف بي آر موجب ٽيڪس ايمنسٽي اسڪيم جي لاءِ 5 هزار ماڻهن اپلائي ڪريو ڇڏيو آهي.

فيڊرل بورڊ آف روينيو (ايف بي آر) جو چوڻ آهي ته ايمنسٽي اسڪيم جي لاءِ درخواست ڏيڻ وارن جي تعداد ۾ اضافو ٿي رهيو آهي.

ايف بي آر جو چوڻ آهي ته 40 هزار رپيا ماليت جا پرائيز بانڊ لازمي رجسٽر ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي ۽ ان سلسلي ۾ اسٽيٽ بئنڪ هڪ ٻن ڏينهن ۾ سرڪلر جاري ڪندو.

بانڊ رجسٽريشن ٿيڻ سان ايمنسٽي حاصل ڪرڻ وارن جي تعداد ۾ اضافو ٿيندو. ايف بي آر موجب مهانگي ڪارون خريد ڪرڻ ۽ فضائي سفر ڪرڻ وارن جو ڊيٽا حاصل ڪري ورتو آهي.

بئنڪ به 15 جون تي سڀني ڊيٽا ايف بي آر کي فراهم ڪري ڇڏيندو. جڏهن ته هر شخص نادرا کان پنهنجو معاشي ڊيٽا 500 رپيا ڏئي حاصل ڪري سگهي ٿو. ايف بي آر وٽ چاليهه لک ماڻهن جو ڊيٽا موجود آهي.