عمران خان ڪجهه ڏينهن کانپوءِ پاڻ اين آر او گهرندو نظر ايندو: مريم نواز

news

ظفر وال: اربع 12 جون 2019: مسلم ليگ (ن) جي نائب صدر مريم نواز چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان جي حيثيت ناهي ته هو ڪنهن کي اين آر او ڏئي، هو ڪجهه ڏينهن کانپوءِ پاڻ اين آر او گهرندو.

پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي نائب صدر مريم نواز دعويٰ ڪئي آهي ته ان جي دور حڪومت ۾ دنيا ۾ پاڪستان جي عزت بحال ٿي رهي هئي پر اليڪشن کانپوءِ اوچتو تيزي سان ترقي ڪندڙ ملڪ تنزلي جي طرف اچي ويو.

ظفر وال ۾ جلسي کي خطاب ڪندي مريم نواز پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) تي اليڪشن چوري ڪرڻ جو الزام لڳائيندي چيو ته (ن) ليگ جي ويندي ئي ملڪ تباهي جو شڪار ٿي ويو. هاڻ بجيٽ ۾ عوام تي قيامت ڪرائي وئي آهي.

هن جو چوڻ هو ته نواز شريف جي دور ۾ روڊن جو ڄار وڇائجي رهيو هو، دهشتگردي ختم ٿي رهي هئي ۽ ملڪ مٿي وڃي رهيو هو پر جنهن ڏينهن ان کي هٽايو ويو پاڪستان جي تباهي شروع ٿي وئي.

اڳوڻي وزيراعظم کي اقامه جهڙي مذاق تي ڪرسي تان هٽايو ويو. مريم نواز وزيراعظم عمران خان جي خطاب تي تنقيد ڪندي چيو ته رات جو ٻارهين وڳي خبر ناهي ته ڪهڙي ضرورت تحت خطاب ڪيو؟

نئون پاڪستان ٺهڻ وارو ئي هو ته پويان کان اوچتو آواز بند ڪيو ويو. هن چيو ته بجيٽ ۾ عوام تي قيامت ڪرائي وئي آهي، ملڪ ۾ ريڙهي واري سميت ڪو به خوش ناهي. بجيٽ کانپوءِ هر شئي مهانگي ٿي وئي آهي.

نالائق اعظم کان جڏهن پٽاٽي ۽ بصر مهانگو ٿيڻ جو پڇيو ويندو ته هو چوندو ته نواز شريف کي گرفتار ڪري ورتو آهي. جڏهن فاقن جي باري ۾ پڇيو ويندو ته هو جواب ڏيندو ته حمزه شهباز کي گرفتار ڪري ورتو آهي.

مريم نواز چيو ته اين آر او جي ڳالهه ڪندڙ جي ڪا به حيثيت ناهي. ڪجهه ڏينهن کانپوءِ هو خود اين آر او گهرندو نظر ايندو. جيڪو هر ڳالهه تي ٻئي ڪنهن جو محتاج هجي، ان جي منهن مان اين آر او جي ڳالهه سٺي نٿي لڳي. نواز شريف کي اين آر او جي ضرورت هجي ها ته سئو اين آر او ان جي جهولي ۾ اڇلايا وڃن ها.