ميرپورخاص ۾ حيدرآباد واسڻ ناري سان مبينا لڄالٽ، چار جوابدار گرفتار، وڊيو ٺاهڻ جو انڪشاف

news

ميرپورخاص: اربع 12 جون 2019ع:ڊينگاڻ ٿاڻي جي حد ۾ حيدرآباد جي علائقي ٽنڊوفضل واسڻ عيد تي مائٽن وٽ گهمڻ لاءِ آيل ناري رابعا لاشاري سان چار ڄڻن پاران مبينا اجتماعي لڄالٽ، وڊيو ڀرڻ جو انڪشاف، وارثن جي دانهڻ باوجود پوليس ڪيس داخل ڪرڻ کان ٽال مٽول ڪندي رهي، ناري جي ميڊيڪل لاءِ تعلقي اسپتال ڪوٽ غلام محمد ۽ سول اسپتال ميرپورخاص ۾ رلائيندي رهي، معاملي کي لئي مٽي ڪرڻ جي ڪوشش، اطلاع تي ايس ايس پي جاويد بلوچ نوٽيس وٺي ڪيس داخل ڪرائي جوابدارن کي گرفتار ڪرايا، ابتدائي ميڊيڪل رپورٽ ۾ ناري سان ڏاڍائي جي تصديق.

خبر موجب حيدرآباد جي علائقي ٽنڊو فضل جي رهواسڻ ناري رابعا لاشاري پنهنجي ڀيڻ سان گڏ  عيد تي مائٽن ۾ گهمڻ لاءِ آيل ڳوٺ سهراب لاشاري ۾ آئي، جتي ڳوٺ جي چار اوباش ڳوٺاڻن پاران دوکي سان ويران جاءِ ۾ وٺي ساڻس اجتماعي ڏاڍائي ڪئي، ڇوڪري پاران پنهنجي والد محرم لاشاري کي ساڻس ٿيل زيادتي جو اطلاع ڏنو، محرم لاشاري ڇوڪري کي وٺي ڍينگاڻ ٿاڻي پهتو ۽ ڪيس داخل ڪرائڻ لاءِ درخواست ڏني، پوليس پاران هڪ بااثر ايم پي اي جي چوڻ تي ڪيس داخل ڪرڻ کان انڪار ڪيو ۽ کين ٽال مٽول ڪندي ميڊيڪل جو ليٽر ڏئي ڪوٽ غلام محمد سول اسپتال موڪليو، ميڊيڪل ڪرائڻ بعد ناري جي والد ڪيس داخل نه ٿيڻ تي ڍينگاڻ ٿاڻي تي احتجاج ڪندي چيو ته منهنجي نياڻي سان جوابدارن لکانو لاشاري، سليم، ممتاز ۽ الهيار لاشاري ڪمري ۾ بند ڪري اجتماعي لڄالٽ ڪئي.

ڍينگاڻ ٿاڻي جي پوليس بااثر جوابدارن جي ونگار وهندي ڪيس داخل ڪرڻ کان انڪار ڪري رهي آهي. اهڙو اطلاع ايس ايس پي ميرپورخاص جاويد بلوچ کي ٿيو، جنهن تي نوٽيس وٺندي ايس ايڇ او ڪيس داخل ڪري جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ جو حڪم ڏنو، جنهن بعد ڍينگاڻ پوليس چئني جوابدارن کي گرفتار ڪري ڪيس داخل ڪيو ۽ ٻيهر ڇوڪري کي ميڊيڪل لاءِ سول اسپتال کڻي آئي ۽ جتان کان وري تعلقي اسپتال ڪوٽ غلام محمد کڻي وئي، جتي ٻيهر مڪمل ميڊيڪل چيڪ اپ ڪرائي جزا ورتا ويا.

تعلقي اسپتال جي ذريعن کان معلوم ٿيو آهي ته ناري سان اجتماعي زيادتي ٿيل آهي، اهو پڻ انڪشاف ٿيو آهي، متاثره ناري جي وڊيو به موبائيل فون تي ڀري وئي آهي. ٻئي طرف ايس ايس پي ميرپورخاص جاويد بلوچ رابطو ڪرڻ تي چيو ته جيئن مون کي اطلاع مليو، مون ايس ايڇ او کي جوابدار گرفتار ڪري ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم ڏنو ۽ ڪيس داخل ڪري، چار ئي جوابدار گرفتار ڪيا آهن ۽ ناري جو مڪمل ميڊيڪل چيڪ اپ ڪرائي جزا ورتا آهن، ڪنهن سان به ناانصافي ٿيڻ نه ڏينداسين ۽ هن ڪيس جي وڌيڪ جاچ آئون پنهنجي سربراهي ۾ڪرائي رهيو آهيان، نياڻي کي انصاف ۽ تحفظ فراهم ڪيو ويندو.01