آصف زرداري جا پروڊڪشن آرڊر ايندڙ هفتي جاري ٿيندا: اسد قيصر

news

اسلام آباد: اربع 12 جون 2019: قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر چيو آهي ته اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جا پروڊڪشن آرڊر ايندڙ هفتي جاري ڪيا ويندا.

ذريعن موجب راجا پرويز اشرف جي اڳواڻي ۾ پيپلزپارٽي جو وفد اسپيڪر قومي اسيمبلي اسد قيصر کان ملاقات ڪئي، جنهن ۾ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري، محسن داوڙ ۽ علي وزير جا پروڊڪشن آرڊر جاري ڪرڻ جو مطالبو ڪيو.

ذريعن موجب اسپيڪر اسد قيصر محسن داوڙ ۽ علي وزير جا پروڊڪشن آرڊر جاري ڪرڻ کان معذت ڪندي چيو ته انهن ٻنهي ميمبرن جا پروڊڪش آرڊر جاري ڪرڻ منهنجي وس ۾ ناهي.

قومي اسيمبلي جي اسپيڪر پيپلزپارٽي جي وفد کي يقين ڏياريو ته آصف علي زرداري جا پروڊڪشن آرڊر ايندڙ هفتي جاري ڪيا ويندا.

ذريعن موجب آصف علي زرداري جا پروڊڪشن آرڊر سومر جي ڏينهن ٿيندڙ اجلاس جي لاءِ جاري ٿيڻ جا امڪان آهن.