ميرپورخاص ۾ قبرستان مان تازي ڄاول ٻار جو لاش هٿ

news

ميرپورخاص: اربع 12 جون 2019ع:ڀانسنگهه آباد جي قبرستان مان تازي ڄاول ٻار جو لاش مليو، رهواسين جي اطلاع تي پوليس لاش تحويل ۾ وٺي دفنائي ڇڏيو.

پوليس ٻڌايو ته ڪنهن جوڙي پاران گناهه لڪائڻ لاءِ تازي ڄاول ٻار کي پلاسٽڪ جي ڪٽي ۾ بند ڪري قبرستان ۾ اڇلايو ويو هو، جنهن کي ڪتا کائي رهيا هئا.

رهواسين ڪتن کي ڀڄائي اسان کي اطلاع ڪيو. اسان لاش تحويل ۾ وٺي قبرستان ۾ دفنائي ڇڏيو. ياد رهي ته ساڳئي قبرستان مان هڪ هفتي اندر تازي ڄاول ٻار جو هڪ ٻيو لاش هٿ آيو آهي.01