شيخ ڀرڪيو:اربع 12 جون 2019ع: بڪيرا شريف ٿاڻي جي حد ڳوٺ موسي' خان پتافي جي رهواسڻ نوجوان ناري ام فرواه ڌيءَ ضامن علي پتافي جي شادي پنهنجي ماءَ پيءَ جي رضا خوشي سان 2 ڏينهن اڳ نوجوان محمد جمن کوکر ڳوٺ سونهارو کوکر سان ڪرائي وئي، جنهن تان پتافي برادري جي مڇريل ماڻهن مدد علي پتافي، فيض محمد پتافي، علي غلام پتافي، محمد حسن پتافي، هادي بخش پتافي، بڪيرا شريف ٿاڻي جي پوليس اهلڪار جنيد پٽ علي غلام پتافي سميت 80 کان وڌيڪ هٿياربندن ناري جي گهر تي حملو ڪري گهرڀاتين تي بدترين تشدد ڪرڻ کانپوءِ سندن گهر کي باهه ڏئي ڇڏي.
جڏهن ته گهر ۾ پيل ڪنوارجي ڏاج سميت سمورو سامان پڻ سڙي ويو. جڏهن ته ساڳين ئي برادري جي ماڻهن شادي ڪندڙ نوجوان محمد جمن کوکر جي گهر تي پڻ رات دير سان حملو ڪري ڏنو، حملي جو اطلاع بڪيرا شريف ٿاڻي تي ڏنو ويو. جڏهن ته بڪيرا شريف ٿاڻي جي پوليس وڏي نفري بروقت پهچي جهيڙي کي ٽاري ورتو. جڏهن ته شادي ڪندڙ نوجوان جي گهر پوليس پڪٽ ٺاهي ورتي.
ان سلسلي ۾ ناري جي پيءَ ضامن علي پتافي ۽ ڏاڏي محمد صالح پتافي صحافين اڳيان دانهيندي چيو ته اسان پنهنجي رضا خوشي سان اسان جي نياڻي جي شادي محمد جمن کوکر سان ڪرائي آهي پر ڄاڻايل ماڻھن هروڀرو اسان کي هراسان ڪري رهيا آھن ۽ اهي ڏوهاري قسم جا ماڻهو آھن، اسان کي جاني مالي نقصان پهچائي سگهن ٿا.
ٻئي طرف محمد جمن کوکر صحافين اڳيان دانهيندي چيو ته ڄاڻايل ماڻهو ڪيڏي مهل به اسان کي ڪوبه نقصان پهچائي سگهن ٿا ۽ گذريل رات به منهنجي گهر تي حملو ڪيو ويو. هنن چيف جسٽس سپريم ڪورٽ ۽ آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي حيدآباد ۽ ايس ايس پي ٽنڊوالهيار کان سخت مطالبو ڪندي گهر ڪئي ته ڄاڻايل ماڻهن ۽ گهر کي باهه ڏيندڙ پوليس اهلڪارن خلاف قانوني ڪارروائي ڪري اسان کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي.01