ڏوڪري ۾ پ پ اڳواڻن پاران آصف علي زرداري جي گرفتاري خلاف احتجاجي ريلي

news

ڏوڪري: اربع 12 جون 2019ع:پ پ جي ڪو چيئرمين آصف علي زرداري جي گرفتاري خلاف ڏوڪري ۾ پ پ تعلقي ڏوڪري پاران صدر منير احمد سوهو، جنرل سيڪريٽري سردار علي ڏنو خان گاڏهي پاران ڪڍيل احتجاجي ريلي جي اڳواڻي پ پ ضلعي لاڙڪاڻي جو صدر عبدالفتاح ڀٽو جي اڳواڻي ۾ تعلقي ڏوڪري جي مختلف يوسي جي چيئرمينن ۽ پ پ ورڪرن گهڻي انگ ۾ شرڪت ڪئي.

احتجاجي ريلي ٻگهيا هائوس ڏوڪري کان ڪڍي وئي، جنهن بعد حيدر چوڪ تي ڌرڻو هنيو ويو. ان موقعي تي احتجاجي ڌرڻي کي خطاب ڪندي پ پ ضلعي صدر عبدالفتاح ڀٽو، جنر سيڪريٽري خير محمد شيخ، پ پ تعلقي ڏوڪري جي صدر منير احمد سوهو، جنرل سيڪريٽري سردار علي ڏنو خان گاڏهي، لڪي غلام الرسول ڍڪڻ نياز حسين سوهو، قاضي جميل احمد، علي محمد ساريو، وسيم علي سرگاڻي، منظور کوکر، عبدالله ٿهيم، غلام الرسول سولنگي، يوسي ڳجهڙ جو چيئرمين چاچو غلام اڪبر جوڻيجو، غلام محمد ڏيرو، حافظ رجب علي سولنگي، مشاهد حسين خاصخيلي ڊسٽرڪٽ ڪائونسل ميمبر عبدالغفور بروهي، فراز پيرزادو ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته عمران نيازي سليڪٽيڊ وزيراعظم اسان جي قائد حر مجاهد آصف علي زرداري کي ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائي جهڪائي نٿو سگهجي.

هنن چيو ته اسان جي پارٽي جي اڳواڻن مٿان ڪيترائي ظلم ڪيا ويا پر پ پ شهيد بينظير ڀٽو، آصف علي زرداري ۽ بلاول ڀٽو زرداري جي صورت ۾ هنن جو مقابلو ڪري ٿي ۽ ڪندي رھندي. هنن چيو ته اسان جي پارٽي ۾ بهادر اڳواڻ آهن جيڪي پنهنجي ملڪ پنهنجي عوام خاطر پنهنجي پرواهه نه ڪندي جابرن سان مهاڏو اٽڪايو آهي.

هنن چيو ته عمران کي سليڪٽ ڪري ملڪ جو وزيراعظم ڪيو ويو آهي، جنهن جي وڃڻ جا ڏينهن اچي ويا آهن ۽ هو گهڻو وقت ڪرسي تي رهي نٿو سگهي. هنن گهر ڪئي آھي ته اسان جي بهادر اڳواڻ آصف علي زرداري مٿان هنيل ڪوڙا ڪيس ختم ڪري آزاد ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج جاري رهندو.01