شهدادپور ۾ وونئڻن جي فصل تي اڇي مک جو حملو، زرعي دوائون بي اثر، آبادگار پريشان

news

شهدادپور: اربع 12 جون 2019ع:شھدادپور ۾ ھزارين ايڪڙن تي پوکيل وونئڻن جي فصل ۾  شروعاتي مرحلي دوران مھلي اڇي مک ٿرپس گلابي سنڊي ۽ ٻين مرضن منھن ڪڍيو، زرعي دوائون بي اثر، زراعت کاتي پاران علائقي اندر فيلڊ آفيسرن جي مقرر لوڌ ويزا تي ھئڻ ڪري فيلڊ آفيسون بدستور  بند ھئڻ ڪري آبادگار پريشان آھن شھر اندر وک وک تي قائم  زرعي دڪانن ۽ پيڍين تي سرعام مھانگيون وڪرو ٿيندڙغير معياري ۽ نقلي زرعي دوائن سبب  آبادگارن جا ھٿ مٿي تي اچي ويا آھن.

ان سلسلي ۾ آباگارن محمد خان وساڻ، ابراھيم ڪيريو، خادم ساند، وڏيرو ٽوھ ۽ ٻين ميڊيا کي ٻڌايو ته شھدادپور ۾ وونئڻن جي ڪاھي جي سيزن شروع ٿيڻ سان ئي غير معياري  پيسٽيسائيڊس ڪمپنين ديرا ڄمائي زرعي داندارن ۽ پيڍين وارن کي 50 سيڪڙو ڪميشن ۽ ٻيون سھولتون ڏيڻ جي بنياد تي زراعت کاتي سانگھڙ جي آشيرواد سان  سرعام نقلي زرعي دوائون آبادگارن کي وڪرو ڪيون پيون وڃن.

ھنن مطالبو ڪيو آھي ته شھدادپور ۾ زرعي دڪانن ۽ پيڍين تي سرعام وڪرو ٿيندڙ غير معياري زرعي دوائن جو سختي سان نوٽيس وٺي غير معياري نقلي زرعي دوائون وڪرو ڪندڙ دڪاندارن ۽ پيڍين وارن کي گرفتار ڪيو وڃي.01