سامونڊي طوفان(وايو) رخ مٽائي ڇڏيو: ڀارتي رياست گجرات تان خطرو ٽري ويو

news

نئين دهلي:(خميس 13 جون 2019ع)  عربي سمنڊ مان اٿندڙ سامونڊي طوفان(وايو) رخ مٽائي ڇڏيو. جنهن کان پوءِ ڀارتي رياست گجرات تي ان جو سڌو سنئون اثر ۽ خطرو ٽري ويو.

ڀارتي ميڊيا موجب سامونڊي طوفان(وايو) جي رياست گجرات سان ٽڪرائجڻ ۽ ان جي نتيجي ۾ ٿيندڙ تباهي جي خدشي کي نظر ۾ رکندي ساحلي علائقن ۾ رهندڙ 2 لک 70 هزار کان وڌيڪ ماڻهن کي محفوظ هنڌن ڏانهن منتقل ڪيو ويو.

اختيارين ريسڪيو ٽيمن کي هدايتون جاري ڪيون هيون ته ماڻهن کي سامونڊي طوفان جي اثر هيٺ ايندڙ علائقن کان 10 ڪلو ميٽر پري رکيو وڃي پر هاڻي ڀارتي موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته طوفان وايو جا رياست گجرات سان ٽڪرائجڻ ۽ ان جي نتيجي ۾ ٿيندڙ نقصان جو خطرو ٽري ويو آهي.

طوفان ويراول، پوربندر ۽ دوارڪا جي علائقن کان ويجهو گذرندو جنهن جي نتيجي ۾ تيز هوائون ۽ برساتون پئجي سگهن ٿيون.