ڪراچي ۾ اڄ کان سخت گرمي جي اڳڪٿي: هيٽ ويو جو خطرو وڌي ويو

news

ڪراچي: :(خميس 13 جون 2019ع) (رپورٽ: صنوبر گل انڙ) ڪراچي ۾ اڄ صبح سوير  کان ئي سخت گرمي محسوس ڪئي پئي وڃي ۽ اڄ شهر ۾ هيٽ ويو جو  خطرو به موجود آهي. جڏهن ته مختلف علائقن ۾ سخت گُهٽ ۾ بجلي جي ڊگهي لوڊشيڊنگ سبب شهري بي حال ٿي ويا آهن.

ٻئي طرف عربي سمنڊ مان اٿندڙ طوفان(وايو) جي سبب شهر ۾ شام کان تيز هوائن سان گڏ هلڪي برسات جي به اڳڪٿي ڪئي وئي آهي. صوبائي ڊيزاسٽر مينجمينٽ اٿارٽي شهرين کي احتياطي  تدبيرون اختيار  ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته  مٿو ڍڪي رکو، ڇٽي، ٽوال، پاڻي ۽ ليمو پاڻ سان گڏ رکڻ جي هدايت ڪئي آهي.

پي ڊي ايم جو چوڻ آهي ته سخت گرمي ۾ ڪم ڪرڻ کان پرهيز ڪريو، ٻارڙن کي سخت اُس ۾ راند کيڏڻ کان پري رکو. جڏهن ته سرڪاري اسپتالن ۾ خصوصي وارڊ به قائم ڪيا ويا آهن. طبي ماهرن جو چوڻ آهي ته هيٽ ويو ۾ پگهر گهڻو اچڻ سان جسم ۾ نمڪيات جي گهٽتائي ٿي ويندي آهي جنهن سبب هيٽ اسٽروڪ جو خطرو وڌي ويندو آهي. جڏهن ته مٿي ۾ سور، الٽيون ۽ چڪر اچڻ هيٽ اسٽروڪ جون نشانيون آهن.

طبي ماهرن شهرين کي مشورو ڏنو آهي ته گرمي جي موسم ۾ وڌ کان وڌ پاڻي پيئو ۽ غير ضروري طور تي گهرن کان ٻاهر نڪرڻ کان پاسو ڪريو ۽ مزدور  مزدوري ڪندي مٿي تي آلو ڪپڙو لازمي طور تي رکن.