ورلڊ ڪپ ۾ پنهنجي اسپيڊ جو جادو ڏيکارڻ لاءِ بيچين آهيان: فاسٽ بالر محمد حسنين

news

ٽائونٽن: (خميس 13 جون 2019ع) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي نوجوان فاسٽ بالر محمد حسنين جو چوڻ آهي ته ورلڊ ڪپ ۾ پنهنجي اسپيڊ جو جادو ڏيکارڻ لاءِ بيچين آهيان جڏهن به موقعو مليو ته بهترين راند کيڏندس.

ٽائونٽن ۾ صحافين سان ڳالهائيندي حسنين چيو ته ورلڊ ڪپ ۾ پاڪستان ٽيم سان گڏ رهي گهڻو ڪجهه سکڻ لاءِ ملي رهيو آهي. بالنگ ڪوچ اظهر محمود به بهترين رهنمائي ڪري رهيو آهي. هن چيو ته منهنجو اصل هٿيار اسپيڊ آهي ۽ جڏهن به موقعو مليو ته ان جو ڀرپور مظاهرو ڪندس.

هڪ سوال تي نوجوان بالر چيو ته هر بالر کي ڏسي سکي رهيو آهيان هي دورو ۽ ٽيم سان گڏ رهڻ منهنجي لاءِ فائديمند آهي. پاڪستان سپر ليگ ۾ ڪوئٽه گليڊي ايئر جي طرفان بهترين بالنگ ڪري پاڪستاني ٽيم ۾ جڳهه ٺاهيندڙ بالر چيو ته پي ايس ايل ۽ انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ۾ وڏو فرق آهي ۽ آئون انٽرنيشنل ڪرڪيٽ جو پريشر هينڊل ڪرڻ سکي رهيو آهيان.

ياد رهي ته محمد حسنين ورلڊ ڪپ اسڪواڊ ۾ شامل آهي پر اڃان تائين کيس پليننگ اليون ۾ شامل ناهي ڪيو ويو.