سنڌ ڪابينا تيرنهن کرب روپين تي ٻڌل بجيٽ جي منظوري سڀاڻي ڏيندي

news

ڪراچي: (خميس 13 جون 2019ع) (رپورٽ: صنوبر گل انڙ) سنڌ ڪابينا نئين مالي سال 2019-20 جي لاءِ 13 کرب روپين جي لڳ ڀڳ خرچن تي ٻڌل بجيٽ تيار ڪري ورتي.

سنڌ ڪابينا 14 جون جمعي جي ڏينهن وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ اجلاس ۾ بجيٽ تجويزن کي حتمي منظوري ڏيندي. ذريعن جو چوڻ آهي ته 13 کرب روپين تي ٻڌل سنڌ بجيٽ 60 ارب روپين جي خساري تي ٻڌل هوندو. بجيٽ ۾ ڪوبه نئون ٽيڪس نه لڳائڻ جي تجويز شامل ناهي ڪئي وئي آهي. سنڌ جي بجيٽ ۾ سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۽ پينشن ۾ 15 کان 20 فيصد اضافي جي اعلان جو امڪان آهي.

سنڌ حڪومت ايندڙ مالي سال جي بجيٽ ۾ صوبائي ترقياتي پروگرام جي لاءِ 2 کرب 60 ارب روپين کان 2 کرب 30 ارب روپيه مختص ڪرڻ جي تجويز ڏني آهي. اهڙي طرح ضلعي جي ترقياتي پروگرام جي لاءِ 35  ارب روپيه جڏهن ته 50 ارب روپيه حڪومت جي نئين اسڪيمن جي لاءِ مختص ڪيا ويندا. امن امان جي لاءِ 105 ارب روپيه بلدياتي حڪومتن جي لاءِ 71 ارب روپيه ڪراچي شهر ۾ روڊ، پلون، فلائي اوورز ۽ انڊر پاسز جي تعمير جي لاءِ 20 کان 30 ارب روپيه رکڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. سنڌ پوليس، روينيو سميت ٻين ادارن ۾ 20 هزار نون ملازمن جي ڀرتي جي لاءِ ۽ ان جي پگهارن جي لاءِ به بجيٽ مختص ڪرڻ جو اعلان به متوقع آهي.

سنڌ بجيٽ ۾ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام شروع ڪرڻ، ڪسان گارد متعارف ڪرائڻ سميت ٻين عوامي فلاحي ۽ بهبود جي مختلف اسڪيمن جو به اعلان ڪيو ويندو. تعليم جي شعبي ۾ غير ترقياتي بجيٽ کي 100.70 ارب روپين کان وڌائي ايندڙ مالي سال جي لاءِ 205.739 ارب روپيه ڪيو ويو آهي. آبپاشي کاتي جي لاءِ 30 ارب، زراعت جي لاءِ 7 ارب، اوقاف کاتي لاءِ 42 ڪروڙ 50 لک روپيه، لا اينڊ پارلياماني امور لاءِ سوا 2 ارب روپيه  رکڻ جي تجويز سامهون آئي آهي. لائيو اسٽاڪ اينڊ فشريز جي لاءِ اڍائي ارب روپين کان وڌيڪ اقليتي امور لاءِ ڏيڍ ارب روپين کان وڌيڪ، سنڌ اسيمبلي جي لاءِ 2 ارب روپين کان وڌيڪ مختص ڪيا ويا آهن.