گلگت بلتستان ۾ برسات تباهي مچائي ڇڏي: پيءُ پٽ فوت

news

اسڪردو: (خميس 13 جون 2019ع) گلگت بلتستان ۾ گذريل شام کان مسلسل پوندڙ برسات تباهي مچائي ڇڏي آهي. جنهن جي نتيجي ۾ پيءُ پٽ فوت ٿي ويا آهن.

تفصيل موجب سخت برساتن سبب بلتستان جي چئني ضلعن ۾ ٻوڏ سبب سوين ڪئنال ايراضي سميت هزارين وڻ به تباهه ٿي ويا آهن. جڏهن ته گانچهي روڊ، کهرمنگ ۽ شگر سميت ڪيترن ئي هنڌن تي روڊ بلاڪ ٿي ويا آهن. ان کان علاوه گلگت اسڪردو ۽ قراقرم روڊن سميت ٻيا ڪيترائي رود به بند ڪيا ويا آهن.

اسڪردو ۾ ٻوڏ سبب گهر جي ملبي هيٺيان دٻجي پيءُ ۽ پٽ فوت ٿي ويا. جڏهن ته گهرمنگ ۾ ٻوڌ سبب هڪ ٻارڙي زخمي ٿي پئي. برسات سبب شگر جي علائقي گيانگ ۾ 2 گهر مڪمل تباهه ٿي ويا آهن جڏهن ته 7 گهرن کي معمولي نقصان پهتو آهي.