وزيراعظم شنگهائي تعاون تنظيم جي اجلاس ۾ شرڪت لاءِ اڄ ڪرغزستان روانو ٿيندو

news

اسلام آباد: (خميس 13 جون 2019ع) وزيراعظم عمران خان اڄ ڪرغزستان ۾ شروع ٿيندڙ شنگهائي تعاون تنظيم جي ٻن ڏينهن واري سربراهي اجلاس ۾ شرڪت ڪندو.

گهرو وزارت جي ترجمان ڊاڪٽر محمد فيصل طرفان جاري ڪيل بيان موجب وزيراعظم عمران خان کي اجلاس ۾ شرڪت جي دعوت ڪرغزستان جي صدر طرفان ڏني وئي آهي. وزيراعظم اڄ بشڪيڪ روانو ٿيندو. اجلاس ۾ تنظيم جا ميمبر ملڪ پاڪستان، چين، روس، ڀارت، ڪرغزستان، تاجڪستان، ازبڪستان ۽ قازقستان کان علاوه تنظيم جي مبصر ميمبر افغانستان، ايران، منگوليا ۽ بيلاروس شرڪت ڪندا.

سربراهه ڪونسل شنگهائي تعاون تنظيم(ايس سي او) جو اعليٰ ترين فورم آهي، سربراهه ڪونسل تنظيم جي حڪمت عملي، امڪانات ۽ ترجيحات جو تعين ڪندي آهي. ڪرغزستان جو صدر سربراهي اجلاس جي صدارت ڪندو. وزيراعظم عمران خان سربراهي اجلاس ۾ خطاب ڪندو. مختلف شعبن ۾ تعاون کان علاوه اجلاس ۾ ڪيل معاهدن کي منظوري ڏني ويندي. وزيراعظم عمران خان سربراهي اجلاس دوران مختلف ملڪن جي اڳواڻن سان ٻه طرفيون ملاقاتون به ڪندو.

پاڪستان جي ايس سي او  ميمبر ملڪن سان گهرا تاريخي ۽ ثقافتي لاڳاپا آهن. ايس سي او مختلف شعبن ۾ تعاون جو ايجنڊا رکندي آهي جيڪا پاڪستان حڪومت جي امن ۽ استحڪام جي پاليسي جي مطابق آهي. گهرو وزارت جي ترجمان موجب پاڪستان انفرا اسٽرڪچر، معيشت، واپار ۽ ثقافتي شعبن ۾ رابطن جي پاليسي تي ڪاربند آهي، پاڪستان واپار ۽ توانائي جي لاءِ اهم روٽ پيش ڪندو آهي.