ورلڊ ڪپ ۾ اڄ ڀارت ۽ نيوزيلينڊ جون ٽيمون آمهون سامهون ٿينديون

news

ناٽنگهم: (خميس 13 جون 2019ع) انگلينڊ ۾ جاري ورلڊ ڪپ جي 18هين ميچ ۾ اڄ ڀارت  نيوزيلينڊ جون ٽيمون آمهون سامهون ٿينديون.

ناٽنگهم جي ٽرينٽ برج گرائونڊ ۾ ٻنهي ٽيمن وچ ۾ ميچ پاڪستاني وقت موجب ٻنپهرن جو اڍائي وڳي کيڏيو ويندو.

ايونٽ ۾  هيستائين ڀارت 2 ميچون کيڏيون آهن ۽ ٻنهي ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي آهي جڏهن ته نيوزيلينڊ جي ٽيم 3 ميچون کيڏيون آهن ۽ ٽنهي ۾ ڪاميابي ماڻي پوانٽس ٽيبل تي پهرين نمبر تي آهي.