دادلغاري ۾ پتافي برادري جو پوليس جي ظلم خلاف احتجاجي مظاهرو

news

دادلغاري: خميس 13 جون 2019ع:دادلغاري ويجھو ڳوٺ جادو پتافي جي رھواسين وزير احمد، ڪبيراحمد، اللہ داد پتافي، راڻو پتافي سميت ٻين دادلغاري پوليس خلاف احتجاجي مظاھرو ڪيو. مظاھرين الزام ھڻندي چيو ته دادلغاري پوليس شام جي وقت شھر ڪينجھر پتافي کان گھر واپس ايندڙ نوجوان لطيف پتافي کي بنا ڪنھن جواز جي گرفتار ڪري وئي ھئي.

جنھن تي اسين نوجوان کي ڇڏائڻ لاءِ دادلغاري ٿاڻي تي پھتاسين ته دادلغاري جي ايس ايڇ او وحيد مراد پٺاڻ اسان جي نوجوان کي آزاد ڪرڻ لاءِ ڳري رشوت گھري، اسان غريب ھجڻ ڪري رشوت نه ڏني ته پوليس اسان جي نوجوان لطيف پتافي کي گم ڪري ڇڏيو آھي، اسان کي خدشو آھي ته دادلغاري پوليس اسان جي نوجوان کي ھاف فراءِ نه ڪري ڇڏي، اسان جي نوجوان مٿان ڪنھن به ٿاڻي  تي ڪيس داخل نه ٿيل آھي.

اسان ايس ايس پي گھوٽڪي فرخ لنجار کان مطالبو ڪندي گھر ٿا ڪريون ته بنادير معاملي جو نوٽيس  وٺي اسان جي نوجوان کي آزاد ڪرايو وڃي، ٻي صورت ۾ اسان جي نوجوان لطيف پتافي کي ڪجھ به ٿيو ته ان جو زميوار ايس ايڇ او  دادلغاري وحيد مراد پٺاڻ ھوندو.01