مهراڻ يونيورسٽي بهتريءَ ۽ گهربل نتيجن ڏيڻ واري سفر جي ابتدا ڪري چڪي آهي: پروفيسر اسلم عقيلي

news

ڄامشورو: خميس 13 جون 2019ع:مهراڻ يونيورسٽي آف انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالوجي ڄامشورو جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر محمد اسلم عقيليءَ چيو آهي ته يونيورسٽيون هڪ ڏينهن ۾ نه ٺهنديون آهن پر انهن کي آگاهي ۽ ڄاڻ جي معراج تي پهچڻ لاءِ وڏو وقت گهربل هوندو آهي. هن چيو ته آڪسفورڊ يونيورسٽيءَ کي اڄوڪي درجي تي پهچڻ ۾ سوين سال لڳا آهن.

وي سي سيڪريٽريٽ ۾ يونيورسٽيءَ جي رٽائر ٿيندڙ چيف پرچيز اينڊ اسٽور آفيسر مشتاق احمد پنهور جي مان ۾ رٿيل تقريب دوران ڳالهائيندي هن چيو ته مهراڻ يونيورسٽي به بهتريءَ ۽ گهربل نتيجن ڏيڻ جي سفر جي ابتدا ڪري چڪي آهي ۽ ان ۾ سڀني ملازمن جو ڪردار آهي.

هن چيو ته مشتاق پنهور پنهنجي سڄي ڪيريئر دوران ايماندار ملازم رهيو آهي ۽ دعا آهي ته سندس باقي سفر به اهڙو گذري. هن چيو ته هر اداري جي ترقيءَ لاءِ ايمانداري ۽ فرض شناسي ضروري آهي، جيتوڻيڪ اسان وٽ ناڪاري عنصر گهڻا ۽ گهرا آهن پر ان باوجود مثبت ماڻهن جي به کوٽ ناهي، ان ڪري ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته سڀني مثبت سوچ رکندڙ ماڻهن کي سرگرم ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي ۽ خاموش تماشائي نه ٿيڻ گهرجي.

ان موقعي تي پرو وائيس چانسلر ڊاڪٽر طحهٰ حسين عليءَ سميت مختلف آفيسرن پڻ پنهنجي خيالن جو اظهار ڪيو.01