شهدادپور ويجهو رند برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو، لٺيون لڳڻ سبب ٻارنهن ڄڻا زخمي

news

شھدادپور: خميس 13 جون 2019ع:شھدادپور ويجهو ڳوٺ سھجو رند ۾ پاڻي جي واري تان رند برادري ۾ جھيڙو، لٺيون ۽ ڪھاڙيون لڳڻ سبب 12 ڄڻا زخمي، سمس اسپتال ۾ آندل ٻنھي ڌرين جا زخمي ٻيھر وڙھي پيا، اسپتال ۾ ڀاڄ.

تفصيل موجب شھدادپور ويجهو مقصودورند ٿاڻي جي حد ڳوٺ سھجو رند ۾ پاڻي جي واري تان رند بردري جي ٻن ڌرين ۾ جھيڙو ٿي پيو، جنھن ۾ لٺيون ۽ ڪھاڙيون لڳڻ ڪري ٻنھي ڌرين جا 12 ماڻھو زخمي ٿي پيا، زخمين ۾  بلند حسين رند، يونس رجيم خان رند، فتح محمد، بخشل فوجي، محمد صفر، ڪامران رند، الھ بخش، مصطفيٰ رند  ۽ ٻيا شامل آھن.

ٻنھي ڌرين جي زخمين کي شھدادپور سمس اسپتال آندو ويو، جتي ٻنھي ڌرين جا زخمي ۽ ساڻن گڏ آيل ٻيھر پاڻ ۾ اڀا ٿي ويا ۽ اسپتال جي ايمرجنسي وارڊ کي جنگ جو ميدان بڻائي ھڪٻئي کي لٺيون ۽ سروٽا ھڻي رتورت ڪري ڇڏيو.

اھڙي اطلاع تي شھدادپور پوليس پھچي صورتحال تي ڪنٽرول ڪري جھيڙي کي ٽاري ورتو، جڏھن ته مقصودو رند پوليس ڪوبہ ڪيس وغيرہ داخل نه ڪيو آھي.01