هڪ هفتو فلپ فون استعمال ڪريو ۽ هڪ هزار ڊالر کٽيو

news

واشنگٽن: خميس 13 جون 2019: آمريڪي رياست يوٽاه ۾ ”فلپ فون چئلينج“ نالي هڪ منفرد مقابلي جو اعلان ڪيو ويو آهي، جنهن تحت هڪ هفتي تائين پراڻو فلپ فون استعمال ڪري هڪ هزار ڊالر کٽي سگهجن ٿا.

فلپ فون جي 30هين سالگرهه جي موقعي تي يوٽاه جي انٽرنيٽ ۽ موبائل سروس جي فرنٽيئر ڪميونيڪيشن ڪمپني اعلان ڪيو آهي ته جيڪو شخص جديد موبائل ڇڏي هڪ هفتي جي لاءِ پراڻو فلپ فون استعمال ڪندو ته ان کي هن جي لاءِ هڪ هزار ڊالر جي رقم ڏني ويندي.

ڪمپني جي شرطن موجب هن چئلينج ۾ پسنديده اميودار اهو هوندو جيڪو سمارٽ فون جو عادي هجي ۽ سوشل ميڊيا وڌ کان وڌ استعمال ڪندڙ هجي، وي-لوگر هجي ته وڌيڪ بهتر ٿيندو.

ڪمپني جو چوڻ آهي ته اهڙي بهادر شخص جي ضرورت آهي جو پنهنجي خوشي سان سمارٽ فون ڪمپني جي حوالي ڪري ۽ اسان جو ڏنل فلپ فون استعمال ڪري.

اميدوار کي هن لاءِ اي ميل موڪلڻ ۽ ايس ايم ايس جو رڪارڊ رکڻو هوندو، پنهنجي ننڍ بابت به ڪمپني کي آگاهه ڪرڻو پوندو.

اداري جو چوڻ آهي ته هن چئلينج جي ذريعي اسان جو ڏسڻ چاهيون ٿا ته هن جديد موبائل فونز ننڍ ۽ ڪارڪردگي تي ڪيترو اثر انداز ٿيندو آهي ۽ گڏوگڏ هن دلچسپ مقابلي ۾ اهو به ڏسڻو پوندو ته اڄ جي دور ۾ سمارٽ فون جي بغير ڪيئن محسوس ڪيو ٿو وڃي.

اداري جي ترجمان جي دعويٰ آهي ته ايستائين 30 هزار ماڻهو هن مقابلي ۾ حصو وٺي چڪا آهن، جن مان هڪ خوشنصيب شخص فاتح هوندو.