سيوهڻ ويجهو ڪار جو موٽرسائيڪل کي ٽڪر، زال فوت، مڙس سميت ٻه ڄڻا زخمي

news

سيوهڻ: خميس 13 جون 2019ع:سيوهڻ ۾ اڙل واھ وٽ انڊس هاءِ وي تي تيز رفتارڪار جو موٽرسائيڪل کي ٽڪر، نتيجي ۾ زال فوت مڙس ۽ ھڪ عورت سخت زخمي، ڊرائيور ۽ ڪار پوليس تحويل ۾  وٺي ڇڏي.

خبر موجب موٽرسائيڪل سوار زال مڙس جوهي تعلقي جي ڳوٺ ڊرگھ بالا جا رهواسي قلندر لعل شھباز جي درگاهه تي سيوهڻ اچي رهيا هئا ته سيوهڻ شھر ٻاهران اڙل واھ وٽ انڊس هاءِ وي تي تيز رفتارڪار سندن موٽرسائيڪل سان ٽڪرائجي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ ھڪ عورت ٿڏي تي ئي فوت ٿي وئي.

جڏھن ته ھڪ عورت سميت 2 ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا، اطلاع ملڻ تي سيوھڻ پوليس فوتي عورت جو لاش ۽ زخمين کي بروقت سيوھڻ اسپتال پھچايو جتي سندن سڃاڻپ فوتي عورت بيگم زال خيرمحمد ٻٻر جي نالي سان ٿي.

جڏهن ته زخمين ۾ فوتي عورت جو مڙس خير محمد ٻٻر ۽  ھڪ عورت مسمات نسيم ٻٻر شامل آھن، ڊاڪٽرن پاران ضروري ڪارروائي بعد فوتي عورت جو لاش وارثن حوالي ڪيو ويو. جڏهن ته فوتي عورت جي مڙس خير محمد ٻٻر کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ حيدرآباد منتقل ڪيو ويو.

ٻئي طرف ڪار سوار يوسي راڌڻ جو چيئرمين ۽ پيپلزپارٽي ضلعي دادو جو جنرل سيڪريٽري دستگير ڳورڙ جيڪو ڪراچي وڃي رهيو هو، پارٽي ميٽنگ لاءِ ته سامھون ايندڙ موٽر سائيڪل سان سندن ڪار جو ٽڪر ٿي پيو، سيوھڻ پوليس ڪار ۽ ڊرائيور حضور بخش سولنگي کي پنھنجي تحويل ۾ وٺي واقعي جو ڪيس داخل ڪري وڌيڪ جاچ ڪري رھي آھي.01