جرمني ۾ گالف بال جي سائيز جيترا ڳڙها، ماڻهو پريشان

news

برلن: خميس 13 جون 2019: جرمني ۾ آسمان مان وسندڙ سوين گالف بال سائز جيترن برف جي ڳڙهن ماڻهن کي خوفزده ڪري ڇڏيو.

جرمني ۾ اوچتو موسم تبديل ٿي ۽ برسات سان گڏ تيز ڳڙها پوڻ لڳا ۽ ماڻهو آسمان مان ڪرندڙ گالف بال جي سائيز جيترا برف جا ڳڙها ڏسي حيران ٿي ويا.

رپورٽ موجب برف جي ڳڙهن سبب ڪيترن ئي گاڏين کي نقصان پهتو، جڏهن ته گهرن جي درين جا شيشا به ٽُٽي ويا، جڏهن ته ڪنهن به جاني نقصان جو اطلاع ناهي مليو.