برفاني دور جي وڏي قد واري بگهڙ جو منهن دريافت

news

ماسڪو: خميس 13 جون 2019: روس جي اترين صوبي يڪوٽيا جي ضلعي ابيسيڪ مان برفاني دور جي وڏي قد واري بگهڙ جو منهن مليو آهي.

سوشل ميڊيا تي وئرل ٿيندڙ وڊيو ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته بگهڙ جي منهن جي ڊيگهه 40 سينٽي ميٽر آهي، جڏهن ته اڄ جي دور جي بگهڙن جو پورو جسم 66 کان 86 سينٽي ميٽر ڊگهو هوندو آهي.

ٻڌايو پيو وڃي ته پهريون دفعو برفاني دور جي بالغ بگهڙ جي باقيات ٽشوز سميت محفوظ حالت ۾ ملي آهي.

جاپاني سائنسدانن جي تحقيق موجب هن بگهڙ جي عمر 2 کان 4 سال ٻڌائي پئي وڃي، جيڪو 40 هزار سال پهرين مريو هو.

ياد رهي ته گذريل سال نومبر ۾ يورپ جي علائقي مان هاٿي جي جسم جيڏا ريڙهيون پائيندڙ جانور جي باقيات دريافت ٿي هئي.

سائنسدانن موجب وڏي قد وارا سبزي خور جانور ٻه سئو ملين سال پهرين ڊائنا سور جي زماني ۾ موجود هئا. اُن جغرافيائي دور ۾ ڊائنا سور کانسواءِ انتهائي وڏي جسمات رکندڙ جانور به ڪثرت سان زمين تي زندگي بسر ڪندا هئا.