خيبرپختونخواهه ۾ هڪ ٻئي پوليو ڪيس جي تصديق

news

پشاور: خميس 13 جون 2019: خيبرپختونخواهه جي ضلعي شانگلا ۾ پوليو جو هڪ ٻيو نئون ڪيس سامهون آيو آهي.

صحت کاتي پاران ڏيڍ سال جي ٻار ۾ پوليو جو وائرس هئڻ جي تصديق ڪئي وئي آهي. صحت کاتي موجب ٻار جو تعلق شانگلا جي علائقي نصرت خيل سان آهي.

متاثر ٿيندڙ ٻار کي پوليو کان بچاءُ وارا قطرا نه پياريا ويا هئا. صحت کاتي جو چوڻ آهي ته خيبرپختونخواهه ۾ هلندڙ سال پوليو ڪيسن جو تعداد 17 ٿي ويو آهي.