شهدادڪوٽ ۾ مبينا چوري جي الزام هيٺ دڪاندار نينگر جي ويهڻ واري جاءِ تي مرچ هاري ڇڏيا

news

شھدادڪوٽ: خميس 13 جون 2019ع:شهدادڪوٽ ۾ مبينا ٻاجھري چوري ڪرڻ جي ڳالهه تان معصوم ننگر  جي ويهڪ  واري جاءِ ۾ دڪان مالڪ ڳاڙها مرچ هاري ڇڏيا، سجاول جوڻيجو ريلوي ڦاٽڪ ويجهو ڪرياني مالڪ جوابدار يوسي سيڪريٽري ھرديپ ڪمار پاڙي جي رهواسي 7 سالن جي معصوم شاھزيب پٽ علي نواز مرکنڊ کي ٻاجهري چوري ڪرڻ جي مبينا الزام هيٺ ويھڪ واري هنڌ تي ڳاڙها مرچ هاري  ڇڏيا، معصوم نينگر جي دانھن ۽ رڙين تي پاڙي وارن پهچي معصوم کي ڇڏايو ۽ پوليس گهرائي  جوابدار کي گرفتار ڪرايو، وارثن جي فرياد تي دڪاندار خلاف اين سي داخل ڪري  ڪيس گرفتار ڪيو ويو.

هوڏانهن  بي سيڪشن ٿاڻي جي پوليس ڊيل بعد گرفتار جوابدار کي آزاد ڪري ڇڏيو. ٻئي پاسي اناج جي واپاري نينگر شاهه زيب مرکنڊ جي والد علي نواز مرکنڊ ٻڌايو ته جوابدار ڏوهه جو اعتراف ڪري پاڪ ڪتاب کڻي 2 ڀيرا ميڙ منٿ ڪافلو وٺي معاف ڪرائڻ آيو هو، پاڪ ڪتاب کي مان ڏيندي کيس معاف ڪيو آهي.01