انٽربينڪ ۾ ڊالر جي قدر ۾ واڌ، ملڪي تاريخ جي سڀ کان مٿانهين سطح تي پهچي ويو

news

ڪراچي: جمعو 14 جون 2019ع: انٽربينڪ ۾ ڊالر 80 پئسا واڌ سان ملڪي تاريخ جي نئين سڀ کان مٿانهين سطح تي پهچي ويو.

رپورٽ موجب انٽربينڪ ۾ روپئي جي مقابلي ۾ ڊالر جي قدر ۾ لڳاتار واڌ ڏٺي وئي آهي. گذريل ڏينهن به انٽربينڪ ۾ ڊالر جي قدر ۾ هڪ روپيو 44 پئسا جي واڌ ڏسڻ ۾ آئي هئي جڏهن ته ڊالر جي مقابلي ۾ روپئي جي بي قدري جو سلسلو اڄ به جاري آهي.

انٽربينڪ ۾ ڊالر وڌيڪ 80 پئسا مهانگو ٿي ويو جنهن کانپوءِ ڊالر 154 روپين جي سطح به پار ڪري ويو، انٽربينڪ ۾ ڊالر 152.90 کان وڌي 153.70 جي نئين سڀ کان مٿانهين سطح تي پهچي ويو. ياد رهي ته گذريل ڪجهه مهينن دوران روپئي جي مقابلي ۾ ڊالر جي قدر ۾ لڳاتار واڌ ٿي رهي آهي.