داد لغاري ۾ ڳوٺاڻن پاران يوسي ڪينجهر پتافي جي چيئرمين خلاف احتجاجي مظاهرو

news

دادلغاري:جمعو 14 جون 2019ع: دادلغاري ۾ يوسي ڪينجھر پتافي جي عوام جو چيئرمين گامڻ خان خشڪ خلاف احتجاج، ھر مھيني يوسي جي ايندڙ مبينا فنڊ ھڙپ ڪرڻ خلاف يوسي جي رهواسين احتجاجي مظاھرو ڪيو.

ان موقعي تي صدام حسين پتافي، محمد حنيف پتافي، اظھرالدين پتافي، ناظم ۽ جبار پتافي سميت ٻين احتجاج ڪندي چيو ته يوسي ڪينجھر پتافي جو چيئرمين گامڻ خان خشڪ ٽن سالن کان وٺي عوام جي خدمت لاءِ ايندڙ فنڊ ھڙپ ڪري رھيو آھي ۽ يوسي ڪينجھر جو چيئرمين يوسي جي آفيس يوسي اندر کولڻ بدران دادلغاري ۾ يوسي آفيس ٺاھي ويٺل آھي، جنھن سبب يوسي جي عوام مشڪلاتن کي منھن ڏئي رھي آھي.

هنن چيو ته ھاڻي احتجاج جو سلسلو ختم ڪري قانوني جنگ وڙھنداسين ۽ پنھنجا حق ھرحال ۾ وٺنداسين.01