ڳيريلو ۾ راجپوت برادري پاران پوليس جي زيادتين خلاف احتجاجي مظاهرو

news

ڳيريلو: جمعو 14 جون 2019ع:ڳيريلي پوليس پاران پرائمري استاد جي نوجوان پٽ امجد علي ميئو راجپوت کي مسجد مان کنڀي پوليس مقابلي ۽ 13 ڊي جا ڪيس داخل ڪرڻ واري عمل خلاف اٺين  ڏينهن به ڳيريلي شهر جي ميئو راجپوت برادري پاران ميئو راجپوت پاڙي ۾ پلي ڪارڊ هٿن ۾ کڻي پوليس خلاف سخت نعريبازي ڪندي احتجاجي مظاهرو ڪيو.

ان موقعي تي پرائمري استاد اسلام الدين ميئو ميڊيا اڳيان دانهيندي ٻڌايو ته ڳيريلو پوليس منهنجي نوجوان پٽ امجد علي ميئو کي مسجد مان کنڀي کڻي وحشياڻو تشدد ڪري کيس ھاف فراءِ ڪرڻ جا داٻا ڏئي ايس ايڇ او علي حسن ابڙو مون کان پٽ جي  آزادي لاءِ هڪ لک روپيا رشوت وٺڻ باوجود منهنجي پٽ مٿان ڪوڙو پوليس مقابلو ۽ 13 ڊي جا الڳ الڳ ڪيس داخل ڪري اسان سان ناجائزي ڪئي آهي.

هن چيو ته جيستائين اسان سان انصاف نه ڪيو ويندو، تيسائين اسان جو پرامن احتجاج جاري رهندو. هنن سنڌ هاءِ ڪورٽ، آءِ جي سنڌ ۽ ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو کان مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي پاڪ ڪتاب تي انڪوائري ڪرائي اسان کي انصاف فراهم ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ ڳيريلو پوليس جي ناجائزين خلاف شهر ۾ تحريڪ هلائي ويندي.01