قومي رانديگرن کي ورلڊ ڪپ ۾ فيمليز گڏ رکڻ جي اجازت نه ڏيڻ گهرجي ها: محمد يوسف

news

لاهور: جمعو 14 جون 2019ع: قومي ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان محمد يوسف ورلڊ ڪپ ۾ رانديگرن کي فيمليز سان رکڻ جي اجازت ملڻ تي سخت ردعمل جو اظهار ڪندي چيو ته پي سي بي کي ورلڊ ڪپ ۾ رانديگرن کي فيمليز گڏ رکڻ جي اجازت نه ڏيڻ گهرجي ها.

نجي چينل سان ڳالهائيندي محمد يوسف جو چوڻ هو ته ورلڊ ڪپ هڪ پريشر ٽورنامينٽ آهي ۽ مان حيران آحيان ته بورڊ ڪيئن رانديگرن کي گهروارن کي گڏ رکڻ جي اجازت ڏيئ ڇڏي، جيڪڏهن رانديگر اهڙو مطالبو ڪري رهيا آهن ته اهو غلط آهي.

پاڪستان لاءِ 90 ٽيسٽ، 288 ون ڊي ۽ 3 ٽي ٽوئنٽي کيڏندڙ محمد يوسف حيرانگي جو اظهار ڪندي چيو ته هو 1999ع، 2003ع ۽ 2007ع جو ورلڊ ڪپ کيڏيو جڏهن ته ڪنهن ورلڊ ڪپ ۾ گهروارن کي گڏ رکڻ جي اجازت نه هئي.

اڳوڻي ڪپتان وڌيڪ چيو ته اسان کي ته ون ڊي سيريز ۾ به گهروارن کي گڏ رکڻ جي اجازت نه هوندي هئي، جيتوڻيڪ ٽيسٽ سيريز دوران زال ٻارن کي سڏ گڏ رکي سگهبو هو ۽ اهو ان لاءِ صحيح هوندو جو هڪ شهر ۾ گهٽ ۾ گهٽ هفتو فيملي سان گڏ گذارڻ جو موقعو ملي ويندو هو.