ججز ريفرنس تي سپريم جوڊيشل ڪائونسل جو اجلاس

news

اسلام آباد: جمعو 14 جون 2019ع: ججن خلاف حڪومتي ريفرنس تي سپريم جوڊيشل ڪائونسل جو اجلاس ٿيو جيڪو تقريبن ڏيڍ ڪلاڪ تائين جاري رهيو. جسٽس قاضي فائز عيسي ۽ جسٽس ڪي ڪي آغا خلاف موڪليل حڪومتي ريفرنسز تي سپريم جوڊيشل ڪائونسل جو اجلاس چيف جسٽس آصف سعيد کوسي جي سربراهي ۾ ٿيو، اجلاس ۾ حڪومت طرفان اٽارني جنرل پيش ٿيو جڏهن ته اجلاس تقريبن ڏيڍ ڪلاڪ تائين جاري رهيو.

سپريم جوڊيشل ڪائونسل ۾ چيف جسٽس آصف سعيد کوسو، جسٽس گلزار احمد، جسٽس شيخ عظمت سعيد، چيف جسٽس پشاور هاءِ ڪورٽ وقار سيٺ ۽ چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ احمد علي شيخ شامل آهن.

ٻئي طرف ججن خلاف ريفرنس جي ٻڌڻي جي موقعي تي وڪيلن طرفان هڙتال به جاري آهي، ڪراچي سٽي ڪورٽ ۾ وڪيلن جي هڪ ڌڙي گيٽ کي  تالا هڻي ڇڏيا جڏهن ته بلوچستان هاءِ ڪورٽ ۾ وڪيلن طرفان ڌرڻو ڏنو پيو وڃي، ڌرڻي ۾ بلوچستان بار ڪائونسل، بلوچستان هاءِ ڪورٽ بار ايسوسئيشن سميت مختلف وڪيل تنظيمون شريڪ آهن.