پاڪستاني شاگردن بجلي پيدا ڪندڙ ٽائلز ٺاهي ورتيون

news

ڪراچي: جمعو 14 جون 2019ع: ڪراچي جي باصلاحيت نوجوانن اهڙيون ٽائلز تيار ڪيون آهن جن تي هلڻ سان بجلي پيدا ٿيندي آهي.

اقرا يونيورسٽي جي فيڪلٽي آف انجنيئرنگ سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي ڊپارٽمينٽ جي 3 شاگردن ان منصوبي کي انرجي هارويسٽنگ جو نالو ڏنو آهي جنهن جي مدد سان هلندي گهمندي بجلي پيدا ڪري سگهجي ٿي.

غالم نديم، حافظ وليد ۽ علي اڪبر نالي شاگردن جي ان منصوبي وسيلي شاپنگ سينٽرز، فٽ پاٿ، پارڪس ۽ ٻين پبلڪ جاين تي خاص ٽائلز ۽ پينل وڇائي بجلي حاصل ڪري سگهجي ٿي.

انساني قدمن جي دباءُ سان پيدا ٿيندڙ توانائي کي خاص ٽائلز وسيلي بيٽري ۾ محفوظ ڪيو ويندو آهي جنهن سان برقي اوزار، اسٽريٽ لائٽس وغيرا روشن ڪري سگهجي ٿي.

منصوبي جا تفصيل ٻڌائيندي شاگردن جو چوڻ هو ته انرجي هارويسٽنگ جي ميڪانزم ۾ خاص ٽائلز يا ڪاٺ ۽ هٿرادو گاهه سان تيار پينلز ۽ اهڙا اوزار استعمال ڪيا ويا آهن جن مان گذريو وڃي ته قدمن جي دٻاءُ سان بجلي پيدا ٿيندي آهي.