ٽنڊوڄام ۾ پ پ ڪارڪنن پاران فريال ٽالپر جي گرفتاري خلاف ريلي

news

ٽنڊوڄام : جمعو 14 جون 2019ع:پ پ يوٿ ونگ ضلعي حيدرآباد ٻهراڙي ۽ پي ايس 63 جي پ پ ڪارڪنن پاران فريال ٽالپر جي گرفتاري خلاف احتجاجي ريلي، حيدرآباد ميرپورخاص روڊ تي ڌرڻو، روڊ بلاڪ

خبر موجب پيپلز يوٿ ونگ ضلعي حيدرآباد ٻهراڙي ۽ پي ايس 63 جي پ پ ڪارڪنن نيب پاران پيپلزپارٽي جي ڪو چيئرمين آصف علي زرداري ۽ پ پ ايم پي اي فريال ٽالپر جي گرفتاري خلاف پيپلز يوٿ ونگ حيدرآباد ٻهراڙي جي صدر ضامن ڪليري، پ پ ايم پي اي شرجيل انعام ميمڻ جي ڪوآرڊينيٽر، ذيشان ميمڻ، اڳوڻي ايم پي اي محمد امين لاکو، پ پ اڳواڻ نثار کٽياڻ، شاهد عباسي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ راول هائوس کان احتجاجي ريلي ڪڍي.

ٽنڊوڄام پريس ڪلب آڏو حيدرآباد ميرپورخاص روڊ تي ڌرڻو هڻي احتجاجي مظاهرو ڪيو. جنهن جي نتيجي ۾ حيدرآباد ميرپور خاص روڊ بلاڪ ٿي ويو. انهي موقعي تي پ پ ڪارڪن نيب ۽ پي ٽي آئي حڪومت خلاف ڇتي نعريبازي پڻ ڪندا رهيا.

احتجاجي ڌرڻي کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته نيب وفاقي حڪومت جو ونگاري ادارو بڻجي ويو آهي، جيڪو نيازي حڪومت جي اشاري تي پپيلز پارٽي قيادت خلاف انتقامي ڪاروايون ڪري رهيو آهي. هنن چيو ته پيپلز پارٽي جي قيادت خلاف انتقامي ڪاروايون ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪيون وينديون.

هنن چيو ته پارٽي جا ڪارڪن پارٽي قيادت جي گرفتارين خلاف پرامن احتجاج ڪري رهيا آهن، پر جيڪڏهن نيازي سرڪار پيپلز پارٽي جي اڳواڻن خلاف انتقامي ڪاروايون بند نه ڪيون ته دمادم مست قلندر ڪري، احتجاجي تحريڪ هلائي ويندي جيڪا حڪومت جي خاتمي تائين جاري رهندي.

احتجاجي ڌرڻي ۾ مير عبدالله ٽالپر، حاجي شاهد جوڻيجو، فرمان کٽياڻ،تنوير پهوڙ، آصف جوڻيجو، شاهد گوپانگ، اسلم مگسي، اسلم نونداڻي، سيد حيدر شاهه، حاجي عبدالرحمان پنهور، رحيمداد راجپوت، ممتاز مري، اڪبر جوڻيجو سميت وڏي تعداد ۾ يوٿ ۽ پ پ ڪارڪنن شرڪت ڪئي.01