ٽنڊوڄام ۾ سينيئر صحافي نديم علي رضا لاڏاڻو ڪري ويو

news

ٽنڊوڄام: جمعو 14 جون 2019ع:ٽنڊوڄام جو سينيئر صحافي نديم علي رضا ڪجهه عرصو بيمار رهڻ بعد لاڏاڻو ڪري ويو. مرحوم جي جنازي ۾ مختلف سياسي سماجي اڳواڻن سميت سوين ماڻهن جي شرڪت، تعزيت جو سلسلو جاري.

خبر موجب ٽنڊڄام جو سينئر صحافي نديم علي رضا ڪجهه عرصو جگر جي عارضي ۾ مبتلا رهڻ بعد ڪراچي جي اسپتال ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. مرحوم جي جنازي نماز ۾ ڊاڪٽر ياسين اعواڻ، سب زونل آفيسر سوئي سدرن جمال الدين ناريجو، ميونسپل ڪائونسلر عمران رشيد، شفيق راجپوت، عبدالله ميمڻ، طارق ميمڻ، اڪرم غوري، اسلم کهڙو، ارشد ڀٽي، سينئر صحافي سليم يزداني، علي محمد جمالي، محمد اختر آرائين، حامد گوهر، مستنصر علي جمالي، مرتضى چانڊيو، ڪريمداد ٿهيم، شوڪت پنهور، شڪيل خلجي، حنيف راجپوت، حافظ نظير نقشبندي، علامه خرم عطاري، رجب علي شر، ميان عبدالغفار، محمد عرس منڱريو، جيل سپرنٽنڊينٽ حيدرآباد ضيا الرحمان،  عبدالجبار سنڌو، محمد قاسم مڱريو، حاجي منشاءَ آرائين، محمد اقبال راجپوت سميت وڏي تعداد ۾ شهرين شرڪت ڪئي.01