آمري ۾ نوجوان کوهه مان ٻوري بند لاش هٿ

news

سيوهڻ:جمعو 14 جون 2019ع: سيوهڻ ڀرسان آمري ۾ نوجوان جو ڦٽل کوهه مان ٻوري ۾ بند ٿيل لاش هٿ آيو.

ٻڌايو پيو وڃي ته سڳي ماساتن جوابدار اياز علي شاهه پنهنجي نوجوان ماسات امتياز علي شاهه کي گهرو اڻبڻت تان سندس ٻانهون ۽ اکيون ٻڌي کيس ڳوٺ ٻاهران ڦٽل کوهه ۾ اڇلائي ڇڏيو، جيڪو ٻڏي فوت ٿي ويو.

نوجوان جو لاش ڪيترائي ڏينهن پاڻي ۾ پيل هجڻ ڪري ڌپ ڪرڻ سبب ڳوٺاڻن لاش ڏسي پوليس کي اطلاع ڪيو، جنهن بعد پوليس پهچي کوهه مان لاش ڪڍرائي پوسٽ مارٽم لاءِ لاش کڻائي سيوهڻ اسپتال آندو، جتي ڊاڪٽرن پاران پوسٽم مارٽم ڪرڻ بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو.

پوسٽم مارٽم ڪندڙ ڊاڪٽر عبدالمجيد قريشي ٻڌايو ته نوجوان جو پنج ڏينهن پراڻو لاش آھي ۽ کيس ڳچي ۾ پٿر ٻڌي کوهه ۾ اڇلايو ويو آھي. ٻئي طرف آخري اطلاعن تائين واقع جو ڪوبه ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو.01