ورلڊ ڪپ ۾ انگلينڊ ويسٽ انڊيز کي آساني سان شڪست ڏئي ڇڏي

news

لنڊن: جمعو 14 جون 2019ع: ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ جي 19 هين ميچ ۾ ميزبان انگلينڊ ويسٽ انڊيز کي آساني سان 8 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي. سائوٿمپٽن ۾ کيڏي ويل ميچ ۾ انگلش ڪپتان جي بهترين حڪمت عملي ڪارگر ٿابت ٿي، ٽاس کٽي ويسٽ انڊيز کي بيٽنگ جي دعوت ڏني ته شاندار بالنگ جي ڪري پوري ٽيم کي صرف 212 رنسن تي ڍير ڪري ڇڏيو.

ٽارگيٽ جي حاصلات ۾ انگلش بيٽسمين بهترين بيٽنگ جو مظاهرو ڪندي گهربل هدف صرف ٻن وڪيٽن جي نقصان تي حاصل ڪري ورتو، تجربيڪار بيٽسمين جو روٽ بهترين بيٽنگ ڪندي سينچري اسڪور ڪئي ۽ هو 100 رنسون ٺاهي ناقابل شڪست رهيو، ڪرس ووڪس 40 ۽ بيرسٽو 45 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيا جڏهن ته بين اسٽوڪس 10 رنسون ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيو.

ويسٽ انڊيز طرفان گيبرل ٻئي وڪيٽون حاصل ڪيون ان کانسواءِ ڪوبه بالر خاطر خواهه ڪارڪردگي پيش نه ڪري سگهيو.