جعلي اڪائونٽس ڪيس ۾ گرفتار فريال ٽالپر کي اڄ احتساب عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو

news

اسلام آباد:(ڇنڇر 15 جون 2019ع)  جعلي اڪائونٽس ڪيس ۾ گرفتار اڳوڻي صدر آصف زرداري جي ڀيڻ فريال ٽالپر کي اڄ احتساب عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو.

نيب گذريل ڏينهن سنڌ اسيمبلي جي ميمبر فريال ٽالپر کي اسلام آباد مان زرداري هائوس جي ويجهو سندس گهر مان گرفتار ڪيو هو ۽ اڄ کيس رمانڊ جي لاءِ احتساب عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو.

چيئرمين نيب جسٽس(ر) جاويد اقبال 2 ڏينهن اڳ جعلي اڪائونٽس ڪيس ۾ فريال ٽالپر جي گرفتاري جي وارنٽ تي صحيح ڪئي هئي جنهن کان پوءِ ان جا گرفتاري جا وارنٽ جاري ڪيا ويا هئا. نيب فريال ٽالپر کي پنهنجي آفيس منتقل ناهي ڪيو جڏهن ته کيس اسلام آباد ۾ ئي سندس گهر ۾ رکيو ويو آهي جنهن کي نيب طرفان سب جيل قرار ڏنو ويو آهي.

نيب طرفان جاري ڪيل اعلاميي ۾ چيو ويو آهي ته فريال ٽالپر ٻيو حڪم اچڻ تائين گهر ۾ قيد رهندي. ان جي عزت نفس جو پهريان به احترام ڪيو ويو ۽ آئنده به مڪمل خيال رکيو ويندو.

نيب  اسپيڪر سنڌ اسيمبلي آغآ سراج دراني کي خط جي ذريعي فريال ٽالپر جي  گرفتاري جي باري ۾ آگاهي ڏني وئي هئي. خط ۾ چيو ويو ته سنڌ اسيمبلي جي ميمبر کي جعلي اڪائونٽس ڪيس ۾ گرفتار ڪيو ويو آهي.