ٻن خاندانن مني لانڊرنگ جي لاءِ عورتن کي ڍال بڻايو: فردوس عاشق اعواڻ

news

اسلام آباد: (ڇنڇر 15 جون 2019ع)  وزيراعظم جي سُڌ سماءَ بابت خاص صلاحڪار فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته ٻن خاندانن ڪرپشن جي حفاظت، مني لانڊرنگ تي عورتن کي ڍال بڻايو.

ٽوئٽر تي هڪ بيان ۾ فردوس عاشق اعواڻ چيو ته وزيراعظم عمران خان ملڪ کي رياست مدينا جي اصولن تي قائم ڪرڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهيو آهي.

هن چيو ته مرد ۽ عورتن جي فرق کانسواءِ ئي قانون لاڳو ڪرڻ بنيادي اصول آهي، ٻن خاندانن جي ڪرپشن جي حفاظت ۽ مني لانڊرنگ تي عورتن کي ڍال بڻايو ويو آهي.

سندس چوڻ هو ته عورتن کي ڍال بڻائي عورت جي تقدس جي لتاڙ ڪئي وئي، ٻنهي خاندانن کي گهرجي ته عملن جو گهيرو ڪن احتساب جو نه.