وفاق جو صوبن سان رويو افسوسناڪ آهي: مراد علي شاهه

news

ڪراچي: (ڇنڇر 15 جون 2019ع) سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته وفاق جو صوبن سان رويو افسوسناڪ آهي. پوئين هڪ سال ۾ جيڪو ماحول ڏٺو آهي اهڙو 10 سالن ۾ به محسوس ناهي ڪيو.

ڪراچي ۾ پوسٽ بجيٽ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته جنهن ڏينهن ملڪي تارين جو بدترين اڪنامڪ سروي جاري ٿيو ان ڏينهن آصف زرداري کي گرفتار ڪيو ويو. جڏهن اسان بجيٽ پيش ڪرڻ لڳاسين ته فريال ٽالپر کي گرفتار ڪيو ويو. هن چيو ته وفاق جو صوبن سان رويو خراب آهي اسان آواز  اٿاري رهيا آهيون باقي صوبن جي ته  آواز به دٻائي وئي آهي.

سيد مراد علي شاهه چيو ته 34 ارب روپيه چئن ڏينهن ۾ گهٽ ڪيا ويا. 30 مئي تي خط مليو ته وفاق 666 ارب روپيه ڏيندو. چئن ڏينهن کان پوءِ چيو ويو ته 632 ارب روپيه ڏيندو. وفاقي حڪومت جو بجيٽ آيو ته ڪاغذن مان خبر پئي ته 631 ارب روپيه ملندا.  وڏي وزير چيو ته اين آءِ سي وي ڊي، جناح اسپتال ۽ اين آءِ سي ايڇ تي ڪنٽرول ڪرڻ باوجود وفاقي سرڪار طرفان هڪ رُپيو به نه رکيو ويو، اسان ٽنهي اسپتالن لاءِ فنڊز رکيا آهن. وڏي وزير چيو ته اهو صرف سنڌ سان ناهي ٿيو پر ٻين صوبن سان به ائين ٿيو آهي. مون اهي سموريون ڳالهيون ايوان ۾ ٻڌائڻ چاهيون ٿي پر مخالف ڌر اهڙو ماحول ٺاهي رکيو هو جو ڪابه ڳالهه نه پئي ڪري سگهياسين بجيٽ تقرير دوران اپوزيشن طرفان جهڙي طريقي سان احتجاج ڪيو، اُن جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪريان ٿو ۽ اهو برداشت جوڳو نه هو. منهنجي نالي سان مذاق اُڏايو ويو پر اسان ائين نه ڪنداسين، ڇاڪاڻ ته قيادت اسان کي روڪي ڇڏيو آهي.

هُن چيو ته هن سال اسان پنهنجي سالياني ترقياتي پروگرام100 ارب رُپيا گهٽ خرچ ڪنداسين ۽ فنڊز گهٽايا ويندا، وفاقي طرفان اسان کي 631 ارب مان رڳو 492 ارب رُپيا ڏنا ويا. وفاقي کي اڃا 140 ارب رُپيا ڏيڻا آهن، جيڪڏهن ملي ويا ته ميڊيا کي ٻڌائيندس. هن چيو ته 10 سالن کان بجيٽ ٺاهي رهيو آهيان، بجيٽ جو تجربو جيترو مون کي آهي، شايد ئي ڪنهن ٻئي سياستدان کي هجي. مراد علي شاهه چيو ته وفاق جو سدائين صوبن سان رويو هاڪاري ناهي رهيو، پر هِن سال جهڙو ماحول گذريل ڏينهن سالن دوران ڪڏهن ناهي ڏٺو. مون کي ٻين صوبن تي حيرت ٿيندي آهي، اسان وري به پنهنجي حقن لاءِ ڳالهائيندا آهيون پر ٻين صوبن جي زبان بند ڪئي ويندي آهي. وفاقي سرڪار صوبن کي ملندڙ 34 ارب رُپيا چئن ڏينهن ۾ کائي وئي. هن چيو ته وفاق سالياني ترقياتي اسڪيمن ۾ اسان جون 36 رٿائون گهٽائي ڇڏيون. هن چيو ته پي ٽي آءِ سرڪار طرفان مهانگائيءَ جو جيڪو طوفان برپا ڪيو ويو آهي، اُن ۾ نوڪري پيشي وارو طبقو پريشان آهي. اسان وفاقي سرڪار جي انگ اکرن پٽاندڙ بجيٽ ٺاهي آهي پر آفيسرز کي چئي ڇڏيو آهي ته بابا اُنهن تي اعتماد نه ڪجو.

سنڌ جي وڏي وزير چيو ته اسان کي خبر پئي آهي ته پنجاب ۽ خيبرپختونخواه جي سالياني بجيٽ جي وزيراعظم منظوري ڏني آهي، اهو ته صوبن جي حق تي ڌاڙو آهي. تعليم جي شعبي لاءِ 220 ارب رُپيا رکيا، جيڪا 18 سيڪڙو وڌيڪ آهي، جڏهن ته صحت کاتي جي بجيٽ ۾ 19 سيڪڙو ۽ امان امان جي بجيٽ ۾ 9 سيڪڙو اضافو ڪيو ويو آهي. وڏي وزير چيو ته اسان جو ارادو هو ته ملازمن جي پگهارن ۾ 25 سيڪڙو اضافو ڪريون پر 15 سيڪڙو وڌائي سگهياسين. اسان کي آءِ ايم ايف جي فرمائش پوري ڪرڻ لاءِ سرپلس بجيٽ پيش ڪرڻ جو چيو ويو. اسلام آباد مان صوبن تي قبضو ٿيندو رهيو آهي.