مريم نواز جي بلاول کي ملاقات جي دعوت: پ پ چيئرمين سڀاڻي رائيونڊ ويندو

news

لاهور: (ڇنڇر 15 جون 2019ع) پاڪستان مسلم ليگ(ن) جي نائب صدر مريم نوازشريف چيئرمين پاڪستان پيپلز پارٽي کي ملاقات جي دعوت ڏني آهي. بلاول ڀٽو زرداري سڀاڻي ڏيڍ وڳي رائيونڊ پهچندو.

ميڊيا رپورٽ موجب پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو رداري هن وقت لاهور جي دوري تي آهي. (ن) ليگ جي نائب صدر مريم نواز کيس فون ڪري مانجهاندي جي دعوت ڏني جيڪا بلاول ڀٽو زرداري قبول ڪري ورتي آهي.

بلاول ڀٽو زرداري سڀاڻي ڏيڍ وڳي جاتي امرا پهچندو. ملاقات ۾ ٻنهي اڳواڻن جا ويجها دوست به شريڪ ٿيندا. ملاقات ۾ حڪومت خلاف تحريڪ سميت مختلف معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ويندي.

ياد رهي ته ان کان اڳ مريم نواز سياسي اتحاد جو مظاهرو ڪندي پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو سان هڪ افطار ڊنر ۾ ملاقات ڪئي هئي. بلاول جي طرفان منعقد ڪيل افطار ڊنر ۾ هُن مريم نواز کي به گهرايو هو.