شاهه رخ جتوئي سنڌ هاءِ ڪورٽ جي فيصلي کي سپريم ڪورٽ ۾ چئلينج ڪري ڇڏيو

news

اسلام آباد:(ڇنڇر 15 جون 2019ع) شاهزيب قتل ڪيس جي مُک جوابدار شاهه رخ جتوئي عمر قيد ۽ ڏنڊ واري سزا کي سُپريم ڪورٽ ۾ چئلينج ڪري ڇڏيو. گذريل مهيني سنڌ هاءِ ڪورٽ شاهه زيب قتل ڪيس جي مُک جوابدار شاهه رخ جتوئي ۽ سراج ٽالپر جي موت جي سزا کي عمر قيد ۾ تبديل ڪيو هو.

شاهه رخ جتوئي پنهنجي وڪيل سان گڏ سنڌ هاءِ ڪورٽ جي فيصلي جي خلاف سپريم ڪورٽ سان رابطو ڪيو ۽ عدالت جي طرفان عمرقيد ۽ جرماني جي سزا کي ڪالعدم قرار ڏيڻ جي اپيل ڪئي. ياد رهي ته عدالت جوابدار سجاد ٽالپر ۽ غلام مرتضيٰ لاشاري کي جنم ٽيپ واري سزا برقرار رکي هئي.

جوابدار شاهه رخ جتوئي پنهنجي وڪيل معرفت سنڌ هاءِ ڪورٽ جي فيصلي کي سُپريم ڪورٽ ۾ چئلينج ڪري ڇڏيو. اپيل ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته ٻن ماڻهن جي ذاتي جهيڙي دوران ٿيل قتل واري ڪيس ۾ دهشتگردي جا قلم نٿا لڳائي سگهجن.

سنڌ هاءِ ڪورٽ پنهنجي فيصلي ۾ قتل ۽ دهشتگردي ايڪٽ وچ ۾ فرق نه ڪري سگهي، جڏهن ته سُپريم ڪورٽ پنهنجي فيصلي ۾ چئي چُڪي آهي ته هر قتل دهشتگردي ناهي هوندو.

جوابدار شاهه رخ جتوئي سُپريم ڪورٽ کي استدعا ڪئي آهي ته عمر قيد ۽ ڏنڊ جي سزا وارو سُپريم ڪورٽ جو فيصلو ڪالعدم قرار ڏنو وڃي.