فريال ٽالپر ۽ شهباز شريف کي ڍر حاصل آهي، انهن سان ڊيل نٿي ٿي سگهي: شيخ رشيد

news

لاهور: (ڇنڇر 15 جون 2019ع) ريلوي واري وزير شيخ رشيد ايندڙ 15 ڏينهن اندر وڌيڪ ٻهارو ڦرڻ جي اڳڪٿي ڪندي چيو آهي ته ملڪ ۾ صدارتي نظام جي ڪابه گنجائش ناهي، نواز شريف ۽ آصف علي زرداري جي حڪومت نه ٿي اچي سگهي.

لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي شيخ رشيد چيو ته بلاول کي سڀ کان پهريون والد ۽ پڦي خلاف تحريڪ هلائڻ گهرجي، جنهن ڏينهن بلاول پنهنجي والد ۽ فريال ٽالپر خلاف تحريڪ هلائيندو تنهن ڏينهن سياست ۾ گنجائش پيدا ٿي سگهي ٿي.

هن چيو ته  شهباز شريف نواز شريف کي جيل مان ڪڍرائڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي، شهباز شريف پهريون به نواز شريف کي ڪڍرايو هو، هاڻي پارٽي جي صورتحال مختلف آهي. هن چيو ته 20 کان 25 اسيمبلي ميمبرن خلاف ته آخري ريفرنس ۾ آهن، الله سڀني کي انصاف فراهم ڪري، شهباز شريف ۽فريال ٽالپر کي ڍر حاصل آهي، ڊيل نه ٿي ٿي سگهي.

سندس چوڻ هو ته بجيٽ پيش ڪرڻ وقت اڳوڻي صدر ۽ اڳوڻي وزيراعظم جو جيل ۾ هئڻ رڪارڊ آهي ڇو ته هڪ وقت اڳوڻو صدر ۽ اڳوڻو وزيراعظم جيل ۾ نه هوندا آهن. شيخ رشيد چيو ته گجرون کائيندڙن کي نيب مان ٻٽي خوراڪ ملڻ گهرجي، ڪرپٽ سياستدانن جي نسلن کي به ڦريل دولت نه ملندي. هن چيو ته آصف زرداري خلاف اهم شاهديون موجود  آهن، شهباز شريف  ۽ حمزا شهباز تي به سنگين الزام آهن.

شيخ رشيد وڌيڪ چيو ته 30 تاريخ تي عمران خان سرسيد ايڪسپريس جو راولپنڊي کان افتتاح ڪندو ۽ ان ۾ سفر به ڪندو. سر سيد ايڪسپريس راولپنڊي کان فيصل آباد ۽ اتان کان ڪراچي ويندي.